Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 4:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏيئي چيو تہ مون ڏٺو آهي ۽ ڏس تہ هڪڙو سونو شمعدان، جنهن جو پيالو سندس مٿان آهي ۽ ست ڏيئا انهيءَ ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي مٿان هر ڪنهن ڏيئي لاءِ ست نليون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ هڪڙو سونو شمعدان آهي، جنهن جي مٿان هڪڙو تيل جو پيالو رکيل آهي. شمعدان تي ست ڏيئا پڻ رکيل آهن ۽ هر هڪ ڏيئي ۾ وٽن لاءِ ست ست ڏندا ٺهيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 4:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سون جي شمعدانن ۽ انهيءَ جي ڏيئن لاءِ، هڪ هڪ شمعدان واسطي ۽ ان جي ڏيئن واسطي سون توري ڏنو: ۽ چانديءَ جي شمعدانن جي لاءِ هڪ هڪ شمعدان واسطي ۽ انهيءَ جي ڏيئن لاءِ هرهڪ شمعدان جي ڪم موجب چاندي توري ڏني:


۽ اهي ڏهاڙي صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ لوبان ساڙين ٿا: ۽ نذر جي ماني بہ هو پاڪ ميز تي ٺاهي ٿا رکن؛ ۽ سون جو شمعدان ڏيئن سميت هر روز شام جو ٿا ٻارين: ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ٿا ڪريون؛ پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.


۽ هن ڏهہ شمعدان سون جا، انهن جي نسبت ۾ ٺهرايل قانونن موجب جوڙيا؛ ۽ اهي هن هيڪل ۾ رکيا، پنج سڄي هٿ پاسي ۽ پنج کٻي هٿ پاسي.


يا جڏهن چانديءَ جي ڏور ڍري ٿيندي، يا سونو پيالو ڀڄي پوندو، يا دلو چشمي تي ڀڄي پوندو، يا نار کوهہ تي ڀڄي پوندو؛


تڏهن خداوند مون کي چيو اي يرمياہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ مون چيو تہ انجير؛ چڱا انجير تمام عمدا آهن؛ ۽ خراب تمام خراب آهن، اهڙا جو کائڻ جي لائق ئي نہ آهن.


۽ پياليون، ۽ باهہ کڻڻ جا ٿانوَ، ۽ پيالا، ۽ ديڳيون، ۽ شمعدان، ۽ چمچا، ۽ وڏا پيالا؛ انهن مان جيڪي سون جا هئا تن جو سون، ۽ جيڪي چانديءَ جا هئا تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:


۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏني، تہ آءٌ هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي ٿو ڏسان؛ جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏهہ هٿ آهي.


۽ جنهن آواز مون سان ڳالهايو، تنهن جي ڏسڻ لاءِ جڏهن آئون ڦريس، تڏهن ست سونا شمعدان ڏٺم،


يعني جي ست تارا تو منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏٺا، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز لک: اُهي ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن؛ ۽ اُهي ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.


۽ انهي تخت مان کنوڻيون، ۽ آواز ۽ گجگوڙيون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جي خدا جا ست روح آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ