Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 3:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو اهو پٿر ڏس جو مون يشوع جي اڳيان رکيو آهي؛ هڪڙي پٿر کي ست اکيون آهن: ڏس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ان تي نقش اُڪريندس ۽ آءٌ هڪڙي ڏينهن ۾ انهيءَ زمين جو سڄو گناهہ مٽائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي يشوع! ڏس، مون تنهنجي اڳيان جيڪو پٿر لڳايو آهي، تنهن کي ست ڪنڊون آهن ۽ انهيءَ تي آءٌ هيءَ ڳالهہ نقش ڪري ڇڏيندس تہ آءٌ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هن ملڪ جا گناهہ مِٽائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 3:9
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ساري اسرائيل قوم جون اکيون تو تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون هنن کي ٻڌائين تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ کان پوءِ ڪير تخت تي ويهندو.


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


جيترو اُڀرندو الهندي کان پري آهي، اوترو ئي هن اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪيا آهن.


جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو سو ئي ڪنڊ جو پٿر يعني مکيہ ڪيو ويو.


۽ تون انهن ٻنهي پهڻن تي وينجهر جي ڪم وانگر، اسرائيل جي پٽن جا نالا اُڪرج، جيئن منڊي اُڪربي آهي؛ ۽ اهي سون جي خانن ۾ جوڙج.


اهي پهڻ اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق ۽ سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هجن. اهي ٻارهن قبيلن جي لاءِ هجن، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هجي.


۽ تون نج سون جي هڪڙي تختي جوڙج، ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪري ڇڏج ”خداوند جي لاءِ پاڪ.“


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ انهي وقت اسرائيل جي ڏوهہ جي ڳولا ٿيندي، پر ڪوبہ ڪونہ ظاهر ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي گناهن جي پڇاڙي ٿيندي ۽ اُهي نہ لڀندا: ڇالاءِ جو جن کي آءٌ باقي بچائي ڇڏي ٿو ڏيان، تن کي آءٌ معافي ڏيندس.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


پوءِ هن اُهي جي سندس سامهون بيٺا هئا، تن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هن جا گندا ڪپڙا هن تان لاهيو: ۽ هن کي چيائين تہ ڏس مون تنهنجي بدڪاري تو تان لاهي ڇڏي آهي، ۽ آءٌ توکي سهڻا ڪپڙا ڍڪائيندس.


ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


هيءُ اهو پهڻ آهي، جنهن کي اوهان اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ٿيو.


جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


انهي اسان تي مهر بہ هنئي ۽ اسانجين دلين ۾ روح سوٿيءَ طور ڏنائين.


۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.


۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.


۽ مون انهي تخت ۽ چئن جاندارن جي وچ ۾، ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾، هڪڙو گهيٽو بيٺل ڏٺو؛ جو ڄڻ تہ ڪُٺو ويو هو، ۽ انهي کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون، جي خدا جا ست روح آهن، ۽ ساري زمين تي موڪليل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ