Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 3:8 - Sindhi Bible

8 هاڻي اي يشوع، سردار ڪاهن، تون ۽ جيڪي تنهنجا سنگتي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن سي ٻڌو: ڇالاءِ جو هي اُهي ماڻهو آهن جي نشاني آهن؛ ڇالاءِ جو ڏس آءٌ پنهنجي ٻانهي، يعني شاخ کي آڻيان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هاڻي اي سردار ڪاهن يشوع! تون ۽ تنهنجا ماتحت ڪاهن، جيڪي تنهنجي نگرانيءَ ۾ خدمت ڪندا آهن سي ٻڌو. اوهان جي ڪاهن طور بحالي اچڻ وارين برڪتن جي نشاني آهي تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل هڪڙي ٻانهي کي بادشاهہ بڻائڻ وارو آهيان جنهن کي نئون ڦٽندڙ سلو سڏيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 3:8
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ گهڻن جي نظر ۾ حيرانيءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ پر تون منهنجي مضبوط پناهہ آهين.


۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:


۽ خداوند فرمايو تہ جيئن منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن ورهين تائين اُگهاڙو ٿي، پيرين اُگهاڙو هليو آهي، تہ مصر ۽ ڪوش جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت ٿئي؛


انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


۽ هن مون کي چيو تہ تون منهنجو بندو آهين، اي اسرائيل تنهنجي ڪري منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.


هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.)


ڏسو منهنجو بندو دانائيءَ سان هلندو، هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، هو وڏي درجي کي رسندو.


هو پنهنجي جان جي ڏکن جو ڦل ڏسي راضي ٿيندو: منهنجو راستباز بندو پنهنجي علم جي ڪري گهڻن کي سچار ٺهرائيندو: هو انهن جون خطائون کڻندو.


ڇالاءِ جو هو انهي جي سامهون نازڪ ٻوٽي وانگي ۽ سڪيءَ زمين مان نڪتل پاڙ وانگي اُڀريو: هن کي نڪا صورت آهي، نڪا سونهن؛ ۽ جڏهن اسين هن کي ڏسون ٿا تڏهن منجهس ڪا خوبصورتي ڪانهي جنهن ڪري اسين هن جا مشتاق ٿيون.


ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


انهن ڏينهن ۾، ۽ انهيءَ وقت آءٌ دائود جي لاءِ سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس؛ ۽ اُهو انهي ملڪ ۾ عدالت ۽ سچائي جا ڪم ڪندو.


تون چئُہ تہ آءٌ اوهان جي لاءِ نشان آهيان: جيئن مون ڪيو آهي، تيئن هنن سان بہ ڪيو ويندو: هنن کي شهر نيڪالي ملندي، ۽ هو قيد ٿي ويندا.


هنن جي ڏسندي اهو تون پنهنجي ڪلهي تي رکي رات جي وقت کڻي وڃ؛ تون پنهنجو منهن ڍڪج تہ زمين نہ ڏسين: ڇالاءِ جو مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو نشان مقرر ڪيو آهي.


انهي طرح حزقي ايل اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو: جيئن هن ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪندا: جڏهن ائين ٿيندو تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


آءٌ هنن جي لاءِ هڪڙو نامور ٻوٽو برپا ڪندس، ۽ هو اڳتي زمين ۾ ڏڪار ڪري نہ مرندا، ۽ نہ وري ڪڏهن غير قومن جو طعنو کڻندا.


۽ منهنجو ٻانهو دائود هن جي مٿان بادشاهہ ٿيندو؛ ۽ هنن سڀني جو هڪڙو ڌنار ٿيندو؛ هو منهنجن حڪمن تي بہ هلندا، ۽ منهنجي قانونن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


۽ هن کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهو شخص، جنهن جو نالو شاخ آهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڌندو ۽ هو خداوند جو هيڪل ٺاهيندو:


هي اسان جي خدا جي رحمدليءَ ڪري ٿيندو، جنهنڪري پرهہ ڦٽيءَ جو سوجهرو آسمان مان اسان کي ڏيکاري ڏيندو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ