Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 3:7 - Sindhi Bible

7 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ”قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 3:7
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ابرهام منهنجو چوڻ مڃيو ۽ منهنجيءَ هدايت، ۽ منهنجن حڪمن، ۽ منهنجن قانونن، ۽ منهنجن قاعدن تي عمل ڪيائين.


۽ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ڪج، ۽ انهيءَ جي رستن تي هلج، ۽ سندس قانونن، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس فيصلن، ۽ سندس شاهدين تي سنڀالي عمل ڪج، جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ پوءِ جيڪي بہ تون ڪرين تنهن ۾، ۽ جيڏانهن بہ تون مهاڙ ڪرين تيڏانهن ڪاميابي حاصل ڪرين:


۽ جيڪڏهن منهنجن قانونن ۽ حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ تون منهنجن رستن تي هلندين، جيئن ڪ تنهنجو پيءُ دائود هلندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڏي ڪندس.


۽ خداوند جي گهر جي خدمت جي لاءِ، جماعت جي تنبوءَ جي، ۽ پاڪ جاءِ جي حفاظت ڪن، ۽ پنهنجي ڀائرن، يعني بني هارون جي سنڀال ڪن.


پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.


۽ اوهان منهنجين پاڪ شين جي پوري سنڀال نہ ڪئي آهي: پر اوهان منهنجي پاڪ مڪان ۾ پاڪ شين جي سنڀاليندڙن کي پنهنجي لاءِ مقرر ڪيو آهي.


اهو ڪاهنن جي لاءِ ٿيندو، جي صدوق جي پٽن مان پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ جن منهنجن قانونن جي سنڀال پئي ڪئي آهي؛ ۽ جي بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت گمراهہ نہ ٿيا؛ جيئن لاوي گمراهہ ٿيا هئا.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در تي رات ڏينهن ويٺا رهجو، ۽ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪجو، تہ مري نہ پئو: ڇالاءِ جو مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.


۽ خداوند جي فرشتي يشوع کي تاڪيد ڪري چيو، تہ


تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.


۽ اُهي جي پري آهن، سي اچي خداوند جي هيڪل کي ٺاهيندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند، پنهنجي خدا جا فرمانبردار ٿيندا، تہ اُهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.


۽ فرشتي مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اهي آسمان جون چار هوائون آهن، جي دنيا جي مالڪ جي حضوريءَ مان ٿيون نڪرن.


۽ يسوع هنن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ نئين پيدائش ۾ جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال جي تخت تي ويهندو، تڏهن اوهين جي منهنجي پٺيان آيا آهيو، سي بہ ٻارهن تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


منهنجي پيءُ جي گهر ۾ گهڻيئي جايون آهن؛ جي ائين نہ هجي ها تہ آئون اوهان کي ٻُڌايان ها، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ ڪري ٿو وڃان تہ وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪريان.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ