Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 3:5 - Sindhi Bible

5 ۽ مون چيو، تہ ڀلي هن جي مٿي تي چڱي پڳ آڻي ٻڌن. انهيءَ موجب هنن هڪڙي سٺي پڳ هن جي مٿي تي آڻي ٻڌي، ۽ ڪپڙا ڍڪيائونس؛ ۽ خداوند جو فرشتو پاسي ۾ بيٺو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ملائڪ سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جي مٿي تي ڌوتل پڳ ٻڌو.“ سو هنن کيس ڌوتل پڳ مٿي تي ٻڌي ۽ ڪپڙا پهرايائونس، جڏهن تہ خداوند جو ملائڪ ڀرسان بيٺو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 3:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ سچائي پهريندو هوس، ۽ اُها مون کي ڍڪيندي هئي، منهنجي عدالت هڪڙو جبو ۽ هڪڙو ڇٽ هوندي هئي.


۽ تون سندس مٿي تي پڳڙي رکج، ۽ پڳڙيءَ جي مٿان اهو پاڪ ڇٽ رکج.


هٿ ۾ کڻڻ جون آرسيون، ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو، سربند ۽ برقعا.


آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي.


جڏهن ڪاهن اُتي لنگهي اچن، تڏهن هو انهي پاڪ جاءِ مان نڪري ٻاهرين ايوان ۾ نہ وڃن، پر اُتي هو پنهنجا ڪپڙا رکن، جن ۾ هو خدمت چاڪري ڪن ٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي پاڪ آهن: ۽ هو ٻيا ڪپڙا پائي عام ماڻهن واري جاءِ جي ويجهو وڃن.


۽ خداوند جي فرشتي يشوع کي تاڪيد ڪري چيو، تہ


۽ انهن کان سون ۽ چاندي وٺي هڪڙو ڇٽ ٺاهہ، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن کي پهراءِ؛


تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ


۽ انهي تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت هئا: ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا؛ ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ