Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 3:3 - Sindhi Bible

3 هاڻي يشوع کي گندا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هو فرشتي جي اڳيان بيٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ وقت ملائڪ جي اڳيان بيٺل يشوع کي ميرا ڪپڙا پهريل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 3:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.


اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


يعني تہ جڏهن خداوند عدالت جي روح ۽ باهہ جي روح سان صيون جي ڌيئن جي گندگي ڌوئي ڇڏيندو، ۽ يروشلم جو رت صاف ڪري ڇڏيندو.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


اي منهنجا خدا، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ؛ پنهنجون اکيون پَٽي اسان جون ويرانيون، ۽ جيڪو شهر تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي، سو ڏس: ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پنهنجا عرض پنهنجين راستبازين ڪري نٿا پيش ڪريون، پر تنهنجي وڏي رحمت ڪري؛


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوني مُنڊي پائي ۽ عمدي پوشاڪ ڍڪي اوهان جي جماعت ۾ اچي، ۽ ٻيو هڪڙو غريب ماڻهو ميرن ڪپڙن وارو بہ اچي؛


۽ ڪن کي ڇڪي باهہ مان ڪڍي بچايو، ۽ ڪن تي خوف کائيندي رحم ڪريو؛ بلڪ جنهن پوشاڪ تي جسم جي ڪري داغ ٿيا آهن، تنهن کان نفرت ڪريو.


۽ انهيءَ کي صاف چمڪندڙ سنها ڪتاني ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا؛ ڇالاءِ جو سنها ڪتاني ڪپڙا پاڪ ٿيلن جي راستبازيءَ جا ڪم آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ