Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 3:2 - Sindhi Bible

2 ۽ خداوند شيطان کي چيو، تہ اي شيطان، خداوند توتي ملامت ڪري، هائو، خداوند جنهن يروشلم کي پسند ڪيو آهي، سو تو تي ملامت ڪري. هيءَ اُها اُماڙي آهي ڇا جا باهہ مان بچائي ويئي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن خداوند جي ملائڪ شيطان کي چيو تہ ”اي شيطان! شل خداوند جي تو تي ملامت هجي! هائو، اهو خداوند جنهن يروشلم کي پنهنجو شهر ڪري چونڊيو، سو شل هميشہ تو تي ملامت ڪندو رهي! ڏس، هن شخص کي خداوند انهيءَ ڪاٺيءَ جيان بچايو آهي، جيڪا باهہ مان ڇڪي ڪڍي ويئي هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 3:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي فرقن منجهان مون ڪوبہ شهر پنهنجي گهر جوڙڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو، تہ منهنجو نالو اتي رهي؛ نڪي مون ڪو ماڻهو پنهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو:


پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.


ڇو جو هو مسڪين جي ساڄي هٿ وٽ بيهندو، تہ جيڪي سندس جان تي فتويٰ ٿا ڏين تن کان کيس بچائي.


۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي.


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


وري بہ رڙ ڪري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجا شهر آرام ۽ آسائش جي ڪري وري بہ اڃا پري پري وڌندا، ۽ خداوند اڃا بہ صيون کي تسلي ڏيندو، ۽ يروشلم کي چونڊيندو.


۽ خداوند کي يهوداہ جي پاڪ زمين ۾ سندس موروثي حصو ملندو، ۽ هو اڃا بہ يروشلم کي پسند ڪندو.


پر يسوع دڙڪو ڏيئي چيس، تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري وڃ.


پوءِ جڏهن يسوع ڏٺو تہ ماڻهو ڊوڙندا پيا اچن ۽ گڏ ٿيندا ٿا وڃن، تڏهن ڀوت کي دڙڪو ڏيئي چيائين، تہ اي گونگا ۽ ٻوڙا ڀوت، آئون توکي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ، ۽ وري هن ۾ ڪڏهن بہ نہ گهڙج.


پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.


پوءِ يسوع دڙڪو ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري اچ. تنهن تي ڀوت هن کي وچ ۾ ڪيرائي ڪنهن بہ ايذاءُ رسائڻ کانسواءِ منجهانئس نڪري آيو.


۽ اڃا هو آيو پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو ولوڙيائينس. پر يسوع ڀوت کي جهڻڪيو، ۽ ڇوڪر کي چڱو ڀلو ڪري پڻس جي حوالي ڪيائين.


آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“


پوءِ خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شيطان کي سگهو ئي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


ڪير خدا جي چونڊيلن تي ڪنهن بہ ڳالهہ جو الزام آڻيندو؟ خدا اُهو آهي جو کين راستباز ٿو ٺهرائي؛


جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو شيطان مان آهي؛ ڇالاءِ تہ شيطان شروعات کان وٺي گناهہ ڪندو اچي. خدا جو فرزند انهي مطلب لاءِ ظاهر ٿيو تہ هو شيطان جي ڪمن کي برباد ڪري.


۽ ڪن کي ڇڪي باهہ مان ڪڍي بچايو، ۽ ڪن تي خوف کائيندي رحم ڪريو؛ بلڪ جنهن پوشاڪ تي جسم جي ڪري داغ ٿيا آهن، تنهن کان نفرت ڪريو.


پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري.


اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ