Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 3:10 - Sindhi Bible

10 انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ ڏينهن اوهان يهوداہ وارن مان هر ڪو هڪٻئي کي دعوت ڏيئي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان آڻي ويهاريندو.‘ اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 3:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا.


۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.


۽ منهنجي اُمت سلامتيءَ واري گهر ۾، بي خوف، آرام ۽ فرحت جي جاين ۾ رهندي.


حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي:


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ گهر ۽ ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ اڃا بہ وري هن ملڪ ۾ خريد ڪيا ويندا.


۽ انهي ڏينهن آءٌ هن جي پاران جهنگ جي جانورن، ۽ آسمان جي پکين، ۽ زمين جي سرندڙ شين سان عهد اقرار ڪندس: ۽ آءٌ انهي زمين مان ڪمان، ۽ ترار، ۽ لڙائي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان آرام ۾ ليٽائيندس.


پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي.


۽ اُنهيءَ ڏينهن گهڻيون ئي قومون خداوند سان شامل ٿينديون، ۽ منهنجي قوم ٿينديون: ۽ آءٌ تنهنجي وچ ۾ رهندس، ۽ توکي معلوم ٿيندو تہ لشڪرن جي خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ