7 اي صيون، تون جا بابل جي ڌيءَ سان گڏ ٿي رهين، ڀڄي وڃ.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کين ٻاهر ڪڍي آيا، تڏهن چيائينس تہ هاڻي پنهنجو ساهہ بچائي اٿي ڀڄ؛ پنهنجي پٺيان اصل نہ نهارج، نڪي هن ساري ميدان ۾ ڪٿي ترسج؛ پر جبل ڏانهن ڀڄي وڃ، متان تون بہ برباد ٿين.
اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.
اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.
اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.
اي يروشلم پاڻ تان مٽي ڇنڊي ڇڏ، اُٿي ويهہ: اي صيون جي قيدي ڌيءَ پنهنجي ڳچيءَ جا بند کولي ڇڏ.
بابل جي وچ مان ڀڄي ٻاهر ٿيو، ۽ ڪسدين جي زمين منجهان نڪري وڃو ۽ ٻڪرن وانگي ٿيو جي ڌڻ جي اڳيان هلندا آهن.
اي منهنجي قوم، اوهين اُن منجهان نڪري وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو پاڻ کي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ کان بچائي.
بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.
اي صيون جي ڌيءَ سور جهل، ۽ ويم واري زال وانگر تڪليف سهي ڪجهہ ڄڻ: ڇالاءِ جو هاڻي تون شهر مان نڪرندينءَ ۽ ميدان ۾ ۽ بابل ۾ ايندينءَ، ۽ اُتي تون ڇڏائي ويندينءَ؛ اُتي خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي هٿ مان ڇڏائيندو.
۽ هن جماعت کي مخاطب ٿي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن کان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، متان اوهين بہ هنن جي سڀني گناهن ۾ چٽ ٿي وڃو.
۽ سڀ اسرائيلي جيڪي انهن جي آس پاس هئا، سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.
۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون ڪري، هنن جي دل تي ڄمائي کين سمجهايائين، تہ اوهين پاڻ کي هن ڏنگيءَ قوم کان بچايو.
۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي: