Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 2:6 - Sindhi Bible

6 ٻڌو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُتر واريءَ زمين کان ڀڄي وڃو، ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن هوائن وانگر ڪشادو پکيڙي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6-7 خداوند يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! مون ئي اوهان کي دنيا جي چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻي اوهين صيئون ڏانهن موٽي اچو، اتر وارن ملڪن مان ڀڄي اچو. هائو، اوهين بابل جي بادشاهتن مان ڀڄي نڪرو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 2:6
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کين ٻاهر ڪڍي آيا، تڏهن چيائينس تہ هاڻي پنهنجو ساهہ بچائي اٿي ڀڄ؛ پنهنجي پٺيان اصل نہ نهارج، نڪي هن ساري ميدان ۾ ڪٿي ترسج؛ پر جبل ڏانهن ڀڄي وڃ، متان تون بہ برباد ٿين.


تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو.


اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي.


اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ اُتر منجهان ملڪ جي سڀني رهاڪن تي خرابي ڪاهي پوندي.


جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ منسي بن حزقياہ، يروشلم ۾ ڪيو تنهنجي نسبت آءٌ هنن کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ دربدر ڪري رلائيندس.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي.


اي قومون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو، ۽ پرانهين ٻيٽن ۾ اهو ٻڌايو؛ ۽ چئو تہ جنهن اسرائيل کي ڇڙوڇڙ ڪيو، سو ئي هن کي گڏ ڪندو ۽ سنڀاليندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ کي سنڀاليندو آهي.


ڏس خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن ايل جي ٺلهہ کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين خداوند جي لاءِ شهر اڏجي ويندو.


ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا.


بابل جي وچ مان ڀڄي ٻاهر ٿيو، ۽ ڪسدين جي زمين منجهان نڪري وڃو ۽ ٻڪرن وانگي ٿيو جي ڌڻ جي اڳيان هلندا آهن.


اي منهنجي قوم، اوهين اُن منجهان نڪري وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو پاڻ کي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ کان بچائي.


اوهين جي ترار کان بچي نڪتا آهيو سي هليا وڃو، ماٺ ڪري نہ بيهو؛ پري کان ئي خداوند کي ياد ڪريو، ۽ يروشلم کي دل تي آڻيو.


بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو.


تنهنڪري تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ مون هنن کي پري ڪڍي قومن ۾ رکيو آهي، ۽ هنن کي ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم تڏهن بہ آءٌ، جن جن ملڪن ۾ هو آيا آهن اُتي ٿوري وقت لاءِ هنن جي لاءِ هڪ اَجهو ٿيندس.


هن جي سڀني ٽولين ۾ هن جا جيڪي باقي رهندا، سي سڀ ڪنهن واءُ ڏانهن پکيڙي ڇڏيا ويندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو ڪلام ڪيو آهي.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


۽ جڏهن هو برپا ٿيندو، تڏهن هن جي بادشاهي ڀڄي پوندي، ۽ آسمان جي چئني هوائن ڏانهن ورهائجي ويندي؛ پر اُها نہ سندس اولاد کي ملندي، ۽ نڪي اُنهي حشمت موافق ٿيندي، جنهن سان هن حڪومت ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي پاڙن کان پَٽجي ويندي، ۽ ٻين جي ٿيندي.


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ حڪم ڪري اسرائيل جي گهراڻي کي سڀني قومن منجهان ائين ڇاڻيندس جيئن اَن پروڻ ۾ ڇاڻيو وڃي، تنهن هوندي بہ ننڍي ۾ ننڍو داڻو زمين تي نہ ڪِرندو.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي.


اي صيون، تون جا بابل جي ڌيءَ سان گڏ ٿي رهين، ڀڄي وڃ.


۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.


۽ انهي وقت هو ملائڪ موڪلي، پنهنجن چونڊيلن کي زمين جي حد کان، آسمان جي حد تائين، چئني طرفن کان آڻي گڏ ڪندو.


۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.


۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي:


هاڻي بوعز دروازي ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ويهي رهيو: ۽ ڏسو جنهن ويجهي مائٽ جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اُتي اچي نڪتو؛ ۽ هن اُن کي چيو تہ اي فلاڻا هيڏانهن اچ ۽ اچي هتي ويهہ. ۽ هو آيو ۽ اچي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ