Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 2:12 - Sindhi Bible

12 ۽ خداوند کي يهوداہ جي پاڪ زمين ۾ سندس موروثي حصو ملندو، ۽ هو اڃا بہ يروشلم کي پسند ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ ڏينهن خداوند پنهنجي پاڪ ملڪ مان وري بني يهوداہ واري حصي کي پنهنجي ميراث قرار ڏيندو ۽ يروشلم کي وري پنهنجو شهر ڪري قبول فرمائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 2:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.


۽ هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجن دوستن کي جيڪي بہ ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. تڏهن سندس ڏاهن ماڻهن ۽ سندس زال زرش کيس چيو، تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون ڪِرڻ لڳو آهين، سو جي يهودين جي نسل جو آهي تہ تون هن تي غالب نہ ايندين، پر ضرور هن جي اڳيان ڪِرندين.


۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيل کي هٿ نہ لائيو، ۽ منهنجي نبين کي نقصان نہ رسايو.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي چونڊيو آهي؛ ۽ انهن کي پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو اٿس.


هيءَ هميشہ جي لاءِ منهنجي آرامگاهہ آهي؛ آءٌ هتي رهندس؛ ڇو جو مون انهي کي پسند ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي پنهنجي واسطي، ۽ اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


جنهن قوم جو خدا خداوند آهي، ۽ جنهن اُمت کي هن پنهنجي ميراث ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، سا مبارڪ آهي.


اي خدا تون اُٿي زمين جي عدالت ڪر: ڇو جو سڀ قومون تنهنجي ميراث ٿينديون.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.


مون توکي زمين جي سرحدن مان هٿ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي ڪنڊن مان سڏيو اٿم، مون توکي چيو آهي تہ تون منهنجو بندو آهين، مون توکي چونڊيو آهي ۽ توکي رد ڪونہ ڪيو اٿم.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


تنهن ڪري جيڪي توکي ڳڙڪائين ٿا سي پاڻ ڳيسجي ويندا؛ ۽ تنهنجا سڀيئي مخالف قيد ٿي ويندا؛ ۽ جيڪي توکي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا، ۽ جيڪي توکي شڪار ڪن ٿا تن کي آءٌ شڪار لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو نہ آهي، ڇالاءِ جو هو سڀني شين جو جوڙيندڙ آهي؛ ۽ اسرائيل هن جي ورثي وارو فرقو آهي: انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


وري بہ رڙ ڪري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجا شهر آرام ۽ آسائش جي ڪري وري بہ اڃا پري پري وڌندا، ۽ خداوند اڃا بہ صيون کي تسلي ڏيندو، ۽ يروشلم کي چونڊيندو.


۽ خداوند شيطان کي چيو، تہ اي شيطان، خداوند توتي ملامت ڪري، هائو، خداوند جنهن يروشلم کي پسند ڪيو آهي، سو تو تي ملامت ڪري. هيءَ اُها اُماڙي آهي ڇا جا باهہ مان بچائي ويئي آهي؟


خداوند هن کي رڻ پٽ ۾، ۽ سڃي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ لڌو هو؛ هو انهي جي آس پاس رهيو، ۽ انهي جي سنڀال ڪيائين، ۽ انهي کي پنهنجيءَ اک جي ماڻڪيءَ وانگر رکيائين.


ڇالاءِ جو خداوند جو حصو سندس اُمت آهي؛ يعقوب هن جي ورثي جو ڀاڱو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ