Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:8 - Sindhi Bible

8 ۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ‌حيات جو چشمو وهي نڪرندو، جنهن جو اڌ اوڀر طرف کاري سمنڊ ڏانهن وهندو ۽ اڌ اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ ڏانهن. اهو چشمو اونهاري توڙي سياري وهندو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون باغن جو چشمو، آبِ حيات جو کوهہ، ۽ لبنان مان وهي ايندڙ نهرون آهين.


۽ رڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ اُڃايل زمين پاڻيءَ جا چشما ٿيندي، ۽ گدڙن جي سمهڻ جي جاءِ ۾ گاهہ سان گڏ ڪانا ۽ ڪنگور اُڀرندا.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


پر آءٌ اُنهيءَ اُتر واري لشڪر کي اوهان کان پري ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هن کي هڪڙي ويران ۽ غير آباد زمين ۾ هڪالي ڪڍندس: هن جو اڳ وارو ڀاڱو اُڀرندي واري سمنڊ ۾ هوندو، ۽ هن جو پٺ وارو ڀاڱو اُلهندي واري سمنڊ ۾؛ ۽ هن جي ڌپ چڙهندي ۽ هن جي بدبوءِ اُٿندي، ڇالاءِ جو هن وڏي گستاخي ڪئي آهي.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.


۽ گهڻيئي قومون چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل تي، ۽ يعقوب جي خدا جي گهر ڏي چڙهي هلون؛ ۽ اسين سندس رستن تي هلنداسين، ۽ هو اسان کي پنهنجون راهون سيکاريندو: ڇالاءِ جو شريعت صيون مان نڪرندي ۽ خداوند جو ڪلام يروشلم مان.


۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو.


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


ڇالاءِ جو ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ انهي تلاءَ ۾ لهي اچي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو، ۽ پاڻيءَ جي اُڇل کانپوءِ جيڪو انهي تلاءَ ۾ پهرين گهڙندو هو، تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي، تنهن کان ڇُٽي پوندو هو.)


جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي اندران، جيئن ڪ پاڪ ڪلام ۾ چيل آهي، زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وهنديون.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ