6 ۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن روشني نہ رهندي، پر ٿڌ ۽ پارو هوندو.
6 انهيءَ وقت پاري جهڙي ٿڌ نہ هوندي، بلڪ نہ گرمي هوندي، نڪي ٿڌ هوندي.
سچارن لاءِ اوندهہ ۾ سوجهرو ٿو نڪري: هو رحيم، ٻاجهارو، ۽ راستباز آهي.
ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.
انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.
اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.
مون زمين ڏٺي، ۽ اُها ويران ۽ خالي ڏسڻ ۾ آئي؛ ۽ آسمان ڏٺم تہ انهن ۾ روشنائي ڪانہ هئي.
۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو.
آسمان جا سڀ چمڪندڙ تارا آءٌ تنهنجي مٿان ڪارا ڪري ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ تنهنجي ملڪ تي اونداهي آڻيندس.
۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.
اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.
۽ آءٌ آسمانن ۽ زمين تي عجيب ڪم ظاهر ڪندس، يعني رت ۽ باهہ ۽ دونهين جا ٿنڀ.
سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.
۽ نُور اونداهيءَ ۾ چمڪي ٿو، ۽ اونداهيءَ هن کي قبول نہ ڪيو.
آئون نُور ٿي جهان ۾ آيو آهيان، تہ جيڪو مون تي ايمان آڻي، سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.
پر هيءَ اها ڳالهہ آهي، جا يوئيل نبي اڳيئي چئي ويو آهي؛
۽ آئون مٿي آسمان ۾ عجائب غرائب، ۽ هيٺ زمين تي نشان ڏيکاريندس، جيئن تہ رت، باهہ ۽ دونهين جو غبار:
۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون.
۽ اسان وٽ نبين جو ڪلام آهي، جو زيادہ اعتقاد جوڳو آهي؛ ۽ اوهين چڱو ٿا ڪريو جو انهي تي ايترو غور ٿا ڪريو جو ڄڻ تہ هڪڙو ڏيئو آهي، جو اونداهيءَ جاءِ ۾ تيستائين سوجهرو پيو ڏئي، جيستائين ڪ پرهہ ڦٽي، ۽ صبح جو ستارو اوهان جي دلين ۾ اُڀري.
۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.
۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.