ذڪرياہ 14:5 - Sindhi Bible5 ۽ اوهين منهنجي جبل جي واديءَ مان لنگهي ڀڄندا، ڇالاءِ جو جبلن جي وادي آضل تائين هوندي: هائو، اوهين ائين ڀڄندا، جيئن يهوداہ جا بادشاهہ عزياہ جي زماني ۾ زلزلي کان ڀڳا هئا: ۽ خداوند منهنجو خدا ايندو، ۽ سڀ پاڪ شخص توسان ايندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible5 تڏهن اوهان انهيءَ پوري ماٿريءَ منجھان لنگھي ٻاهر ڀڄي ويندا، جيڪا آضل ڳوٺ تائين وڃي نڪرندي. اوهين اتان ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي زماني ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا زلزلي کان ڀڄي نڪتا هئا. تڏهن خداوند منهنجو خدا ايندو ۽ سندس سڀ پاڪ هستيون بہ ساڻس گڏ هونديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.