Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:4 - Sindhi Bible

4 ۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ڏينهن يروشلم جي سامهون اوڀر ۾ هو زيتون جي ٽڪر تي اچي بيهندو ۽ انهيءَ ٽڪر کي اولهہ کان اوڀر تائين ٻن حصن ۾ چيري ڇڏيندو. اهڙيءَ طرح هڪڙي وڏي ماٿري ٺهي پوندي، ڇوجو اڌ ٽڪر اتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن هٽي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.


۽ خداوند جو جلال شهر جي وچ مان مٿي چڙهي ويو، ۽ جيڪو جبل شهر جي اُڀرندي پاسي آهي، انهي تي وڃي بيٺو.


جنهنڪري سمنڊ جون مڇيون ۽ هوا جا پکي، ۽ جهنگ جا جانور، ۽ سڀ سرڻا جي زمين تي سُرن ٿا، ۽ سڀ ماڻهو جي زمين تي آهن، سي منهنجي اڳيان ڏڪندا، ۽ جبل هيٺ ڪري پوندا، ۽ وڏيون جايون ۽ ڀِتيون زمين تي هيٺ ڪري پونديون.


۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال اُڀرندي پاسي کان آيو: ۽ هن جو آواز گهڻين پاڻين جي آواز جهڙو هو: ۽ زمين هن جي جلال سان چمڪڻ لڳي.


هو اُٿيو ۽ زمين ماپيائين، ۽ هن نهاريو ۽ قومن کي هڪالي جدا ڪيائين: مدامي جبل پکڙي ويا، ۽ هميشہ جٽاءُ ڪندڙ ٽڪر جهڪي ويا؛ هن جون راهون مدامي آهن.


۽ سڄو ملڪ، جبع کان رمون تائين، جو يروشلم جي ڏکڻ ۾ آهي، ميدان وانگر ٿي ويندو، پر يروشلم بلند ٿيندو، ۽ پنهنجي جاءِ ۾، بنيمين جي دروازي کان پهرين دروازي جي جاءِ تائين، يعني ڪُنڊ جي دروازي تائين، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ کان بادشاهہ جي انگوري حوض تائين، قائم رهندو.


پر اُهو ڏينهن اهڙو ٿيندو، جنهن جي خبر فقط خداوند کي آهي: اهو نہ ڏينهن هوندو نہ رات، پر ائين ٿيندو تہ شام جي وقت روشني ٿيندي.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو.


اي وڏا جبل، تون ڇا آهين، زروبابل جي اڳيان تون ميدان ٿي ويندين: ۽ جڏهن هو چوٽيءَ جو پٿر ڪڍي ايندو تڏهن ماڻهو پڪاري چوندا تہ هن تي فضل ٿئي، فضل ٿئي.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هن جبل کي چوندو تہ اتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، ۽ پنهنجي دل ۾ شڪ نہ آڻيندو، ۽ پڪ ڪري ڄاڻيندو تہ جيڪي چوان ٿو سو ٿيندو، تہ جيئن چوندو تيئن ئي ٿي پوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ