Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن خداوند نڪري انهن قومن سان وڙهندو، جيئن جنگ جي ڏينهن هو وڙهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر پوءِ خداوند نڪري اوهان جي دشمن قومن سان وڙهندو، جيئن هو اڳ اوهان جي طرفان وڙهندو رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ اي يهوداہ جا سڀ ماڻهو، ۽ اي يروشلم جا سڀ رهاڪو، ۽ اي يهوسفط بادشاهہ، اوهين سڀ ٻڌو: خداوند اوهان کي هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ڊڄو نہ ۽ هن وڏي ڪٽڪ جي ڪري خوف نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو هيءَ جنگ اوهان جي نہ آهي پر خدا جي آهي.


۽ آءٌ نهاري نهاري اُٿيس، ۽ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ باقي ٻيءَ خلق کي چيم تہ هنن کان نہ ڊڄو: خداوند کي ياد ڪريو، جو وڏو ۽ هيبت وارو آهي، ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، ۽ ڌيئرن، ۽ زالن، ۽ پنهنجن گهرن لاءِ وڙهو.


۽ انهن سڀني قومن جون ٽوليون جي اريئيل سان وڙهنديون، يعني اهي سڀ، جي انهي سان، ۽ انهي جي قلعي سان وڙهندا، ۽ کيس تڪليف ڏيندا؛ اهو سڀ هڪڙي خواب يا رات جي رويا وانگي ٿيندو.


تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.


ڏس، انهيءَ وقت آءٌ انهن کي سزا ڏيندس، جي توکي ستائين ٿا: ۽ جيڪا منڊڪائي ٿي تنهن کي بچائيندس؛ ۽ جيڪا هڪالي ڪڍي ويئي هئي، تنهن کي گڏ ڪندس؛ ۽ جن جي سڄي دنيا ۾ خواري هئي، تن کي تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني قومن کي، جي يروشلم جي برخلاف ايندا، ناس ڪندس.


۽ خداوند هنن کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏياري، ۽ جبعون وٽ هنن منجهہ ڏاڍو ڪوس وڌائين، ۽ جيڪو رستو بيت حورون ڏانهن ٿو وڃي اُتي هو هنن جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا، ڀڄائيندا، عزيقاہ ۽ مقيدہ تائين ويا.


انهي کان اڳي، يا اُنهي کان پوءِ، انهي جهڙو ڏينهن ڪڏهن ڪونہ ٿيو، جنهن ۾ خداوند انسان جو آواز ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي پاران وڙهيو.


۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ