Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو آءٌ سڀني قومن کي گڏ ڪندس، تہ يروشلم جي برخلاف جنگ ڪن: ۽ شهر قبضي ڪيو ويندو، ۽ گهر لُٽيا ويندا، ۽ زالن جي بي عزتي ٿيندي: ۽ اڌ شهر قيد ٿي ويندو، پر باقي ماڻهو شهر مان نہ ڪڍيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ياد رکو، انهيءَ ڏينهن خداوند سڀني قومن کي يروشلم وٽ گڏ ڪندو، تان‌تہ اهي اوهان سان جنگ جوٽين. اوهان جي شهر تي قبضو ڪيو ويندو، گھر لٽيا ويندا ۽ عورتن جي بي‌حرمتي ڪئي ويندي. شهر جا اڌ ماڻهو جلاوطن ڪيا ويندا، باقي جيڪي بچيل هوندا سي شهر ۾ ئي رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:2
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جا کير پياڪ ٻار بہ سندن روبرو اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ انهن جا گهر لٽيا ويندا، ۽ انهن جي زالن سان زور زبردستي ٿيندي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:


۽ هو قومن جي لاءِ پري کان جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ زمين جي ڪناري کان هنن کي سينڍ وڄائي سڏيندو: ۽ ڏسو، هو جلد هليا ايندا.


پر اوهين سرها ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ يروشلم کي خوشي، ۽ ان جي ماڻهن کي سرهائي بنائيندس.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس.


جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر، ۽ جيڪي زمين جون بادشاهتون سندس حڪم هيٺ هيون، ۽ باقي سڀ قومون يروشلم سان ۽ اُن جي سڀني شهرن سان وڙهيون، تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قومن جي روبرو عدالتن جي تعميل ڪندس.


تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.


اها ڳالهہ اوهين قومن ۾ پڌري ڪريو؛ جنگ جي تياري ڪريو؛ بهادر مردن کي اُٿاريو؛ سڀني جنگي ماڻهن کي ڇڏيو تہ ويجهو اچن، ۽ جنگ ڪن.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


ڏسو، آءٌ يروشلم کي آس پاس جي سڀني قومن لاءِ چڪر کائڻ وارو پيالو ڪندس، ۽ يروشلم جي گهيري وقت يهوداہ جو بہ اهڙو ئي حال ٿيندو.


۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.


۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني قومن کي، جي يروشلم جي برخلاف ايندا، ناس ڪندس.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


پر جڏهن اوهين ويران ڪندڙ ۽ نفرت جهڙيءَ شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو، جتي هن کي بيهڻ نہ گهرجي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن:


ڇالاءِ جو اُهي ڏينهن اهڙا مصيبت جا ٿيندا، جهڙاڪ خدا جي پيدا ڪيل خلقت جي شروعات کان وٺي اڄ تائين نہ ٿيا آهن، ۽ نہ ڪڏهن ٿيندا.


هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ قيصر اگستس اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جا نالا لکجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ