Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:18 - Sindhi Bible

18 ۽ جي مصر جا قبيلا مٿي نہ ايندا، انهن تي بہ مينهن نہ وسندو: ۽ انهن تي بہ اُها ئي آفت نازل ٿيندي جا خداوند انهن غير قومن تي نازل ڪندو، جي تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جيڪڏهن مصري قوم بہ عبادت لاءِ نہ ايندي تہ اها بہ مِينهن کان محروم رهندي. هائو، انهن تي بہ اها مصيبت نازل ٿيندي، جيڪا تنبن واري عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندڙ قومن تي خداوند نازل ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ هيئن ٿيندو تہ هڪڙي نئين چنڊ کان وٺي ٻئي نئين چنڊ تائين، ۽ هڪڙي سبت کان وٺي ٻئي سبت تائين، سڀ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ ايندا.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ انهي ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين خداوند جي لاءِ تنبن جي عيد ٿيندي.


۽ يعقوب جا باقي بچيل ملڪن ۽ گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا، جيئن شينهن ٻيلي جي جانورن ۾، ۽ جوان شينهن رڍن جي ڌڻن ۾ ٿيندو آهي: جو جڏهن انهن مان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن انهن کي لتاڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ اُهي قومون جي يروشلم سان وڙهيون آهن، تن تي خداوند هيءَ آفت آڻيندو: تہ بيٺي بيٺي سندن گوشت ڳري ويندو، ۽ سندن اکيون پنهنجين کڏن ۾ ڳري وينديون، ۽ سندن ڄڀ سندن وات ۾ سڙي ويندي.


۽ گهوڙن، خچرن، اُٺن، ۽ گڏهن ۽ سڀني جانورن تي، جي منزلگاهہ ۾ هوندا، تن سڀني تي بہ ساڳي آفت نازل ٿيندي.


مصر لاءِ، ۽ انهن سڀني قومن لاءِ، جي تنبن جي عيد ملهائڻ نہ ايندا، انهن لاءِ اها ئي سزا ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ