Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:10 - Sindhi Bible

10 ۽ سڄو ملڪ، جبع کان رمون تائين، جو يروشلم جي ڏکڻ ۾ آهي، ميدان وانگر ٿي ويندو، پر يروشلم بلند ٿيندو، ۽ پنهنجي جاءِ ۾، بنيمين جي دروازي کان پهرين دروازي جي جاءِ تائين، يعني ڪُنڊ جي دروازي تائين، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ کان بادشاهہ جي انگوري حوض تائين، قائم رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اتر ۾ جِبع کان وٺي ويندي ڏکڻ ۾ رمون تائين سڄو ملڪ سنئون سڌو ميدان ٿي پوندو، جڏهن تہ يروشلم شهر بلنديءَ تي هوندو. هي شهر بنيامين دروازي کان ڪنڊ نالي پراڻي دروازي تائين ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ کان انگورن جي شاهي چيچڙن تائين پکڙجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:10
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ آسا ساري يهوداہ ۾ اشتهار ڪرايو؛ ڪنهن کي بہ ڇڏي نہ ڏنائين: سڀيئي رامہ جا پٿر ۽ ان جو ڪاٺ، جو بعشا ڪم ٿي آندو، سو کڻي ويا؛ ۽ اُنهن سان بادشاهہ آسا بنيمين وارو جبعہ ۽ مصفاہ جوڙايو.


۽ اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يهوآس بن اخزياہ کي بيت شمس ۾ گرفتار ڪري يروشلم ۾ آيو، ۽ يروشلم جي ڀت افرائيم جي در کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين، چار سؤ هٿ، ڊاهي ڇڏيائين.


۽ هنن جا ڳوٺ هئا عيطام ۽ عين، رمون ۽ توڪن ۽ عسن، مڙئي پنج شهر:


باقي رهيل لاوين، مراريءَ جي پٽن کي زبولون جي فرقي مان؛ رمون، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، تبور، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:


۽ اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بيت شمس ۾، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يوآس بن يهوآخز کي قيد ڪري يروشلم ۾ آندو، ۽ يروشلم جي ڀت، افرائيم جي دروازي کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين، چار سؤ هٿ، ڀڃي ڇڏيائين.


تنهن کانسواءِ عزياہ يروشلم ۾ ڪنڊ واري در وٽ، ۽ واديءَ واري در وٽ، ۽ ڀت جي در وٽ، ٺلهہ ٺهرايا، ۽ انهن کي مضبوط ڪيائين.


۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا.


تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون.


هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي.


۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.


تڏهن فشحور يرمياہ نبيءَ کي مار ڏني ۽ کڻي انهي ڪاٺ ۾ وڌو، جو بنيمين جي مٿئين دروازي وٽ خداوند جي گهر ۾ هو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.


۽ جڏهن هو بنيمين جي دروازي تي پهتو تڏهن بهري وارن جو سردار، جنهن جو نالو ارياہ بن سليمان بن حننياہ هو، سو اُتي هو؛ ۽ اُنهيءَ يرمياہ نبيءَ کي گرفتار ڪيو، جو چيائين تہ تون ڪسدين ڏي ڀڳو ٿو وڃين.


هاڻي عبد ملڪ ڪوشي، جو بادشاهہ جي گهر ۾ ناظر هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ يرمياہ کي بهري ۾ وڌو اٿن: انهيءَ وقت بادشاهہ بنيمين جي دروازي ۾ ويٺو هو؛


اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛


پر پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، تہ خداوند جي گهر وارو جبل سڀني جبلن جو سردار ٿيندو ۽ قائم رهندو، ۽ قومون انهي ۾ لڏي اينديون.


انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.


۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ صيون ۾ موٽي آيو آهيان، ۽ يروشلم ۾ رهندس: ۽ يروشلم جو نالو سچائيءَ جو شهر سڏبو؛ ۽ لشڪرن جي خداوند جو جبل، پاڪ جبل سڏبو.


۽ لبائوٿ، ۽ سلحيم، ۽ عين، ۽ رمون: اهي شهر مڙئي سندن ڳوٺن سميت اوڻٽيهہ آهن.


۽ بنيمين جي فرقي مان، جبعون سندس ٻهراڙين سميت، جبع سندس ٻهراڙين سميت؛


۽ هو بيابان ڏانهن منهن ڪري رمون جي ٽڪر ڏانهن ڀڳا: ۽ شاهي رستن تان هنن پنج هزار ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ جدوم تائين هنن کي سوڙها پوندا ڀڄائيندا ويا، ۽ انهن مان ٻہ هزار ماڻهو ماري وڌائون.


پر ڇهہ سؤ ماڻهو منهن ڦيرائي بيابان ڏي رمون جي ٽڪر تي ڀڄي ويا، ۽ رمون جي ٽڪر تي چار مهينا رهي پيا.


پوءِ سڄيءَ جماعت رمون جي ٽڪر وارن، بني بنيمين کي صلح سلامتيءَ جو پيغام موڪليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ