Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 13:4 - Sindhi Bible

4 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو نبين مان نبوت ڪندو، سو پنهنجي رويا کان شرمندو ٿيندو؛ ۽ نڪي هو ٺڳڻ لاءِ، وارن جي چادر ڍڪيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ڏينهن نبي سڏائيندڙ پنهنجي پيغام ٻڌائڻ کان شرمندا ٿيندا. پوءِ اهي ماڻهن کي ٺڳڻ لاءِ وري نبين جي پائڻ وارا خسيس جبا نہ پائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 13:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ورندي ڏني تہ هو گهڻن وارن وارو ماڻهو هو، ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هوس. ۽ هن چيو تہ اهو ايلياہ تشبي آهي.


تنهن وقت خداوند يسعياہ بن آموص جي معرفت هيئن فرمايو تہ وڃي پنهنجي چيلهہ تان کٿو لاهہ، ۽ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ۽ هن ائين ڪيو، ۽ اگهاڙو ٿي پيرين اگهاڙو هليو.


جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن هو شرمندا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، نہ هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرندا، تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن آءٌ کين سزا ڏيڻ لاءِ ايندس تڏهن هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟


هاڻي انهي يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ ۾ ٻَڌل هوس؛ ۽ سندس کاڌو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي هئي.


۽ يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ تي ٻَڌل هوس، ۽ هو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي کائيندو هو.


هو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، آزمائش هيٺ آيا، ترار سان قتل ٿيا: هو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ گهُمندا رهيا.


۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ