ذڪرياہ 13:3 - Sindhi Bible3 ۽ جڏهن ڪوبہ پيشنگوئي ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، سي چوندس تہ تون جيئرو نہ رهندين؛ ڇالاءِ جو تون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائين: ۽ جڏهن هو نبوت ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، کيس قتل ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible3 اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ.