9 ۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني قومن کي، جي يروشلم جي برخلاف ايندا، ناس ڪندس.
9 انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم تي ڪاهي ايندڙ سڀني قومن کي برباد ڪري ڇڏيندس.“
۽ انهن سڀني قومن جون ٽوليون جي اريئيل سان وڙهنديون، يعني اهي سڀ، جي انهي سان، ۽ انهي جي قلعي سان وڙهندا، ۽ کيس تڪليف ڏيندا؛ اهو سڀ هڪڙي خواب يا رات جي رويا وانگي ٿيندو.
ڏس، اهي گڏ ٿيندا، پر مُنهنجي طرفان نہ: جيڪي بہ تنهنجي برخلاف گڏ ٿيندا سي تنهنجي ئي سببان ڪري پوندا.
جيڪو بہ هٿيار تنهنجي برخلاف جڙندو سو ڪامياب نہ ٿيندو؛ ۽ جيڪا زبان عدالت ۾ تنهنجي برخلاف اُٿندي تنهن کي تون ڏوهاري ٺهرائيندينءَ. خداوند فرمائي ٿو تہ اها خداوند جي بندن جي ميراث آهي، ۽ انهن جي راستبازي مون کان آهي.
۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.
ڏسو، آءٌ يروشلم کي آس پاس جي سڀني قومن لاءِ چڪر کائڻ وارو پيالو ڪندس، ۽ يروشلم جي گهيري وقت يهوداہ جو بہ اهڙو ئي حال ٿيندو.