Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:6 - Sindhi Bible

6 انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي اڳواڻن کي ايڏو طاقتور بڻائيندس جو هو پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن کي ڳڙڪائي ويندا. هائو، اهي اڳواڻ دشمنن لاءِ ڪاٺين جي کوڙ ۾ ٻرندڙ شعلي وانگر ۽ اناج جي ول جي گڏن ۾ باهہ لڳائيندڙ مشعل وانگر ٿيندا. جڏهن تہ يروشلم پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو تون ساڄي پاسي ۽ کٻي پاسي پکڙبينءَ؛ ۽ تنهنجو نسل قومن تي قبضو ڪندو ۽ ويران شهرن کي آباد ڪندو.


۽ هڪڙو ماڻهو سڄي هٿ پاسي کسيندو ۽ بکيو رهندو: ۽ هو کٻي هٿ پاسي کائيندو ۽ پيٽ نہ ڀربس: انهن مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهن جو ماس کائيندو:


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.


۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي.


اي لبنان، تون پنهنجن دروازن کي کول، تہ باهہ تنهنجي ديودار جي وڻن کي ڳهي وڃي.


تڏهن يهوداہ جا سردار پنهنجي دل ۾ چوندا، تہ يروشلم جا رهاڪو، لشڪرن جي خداوند، پنهنجي خدا جي سبب اسان جي طاقت آهن.


۽ خداوند کي يهوداہ جي پاڪ زمين ۾ سندس موروثي حصو ملندو، ۽ هو اڃا بہ يروشلم کي پسند ڪندو.


۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.


سچ جي ڪلام ۾، خدا جي قدرت ۾؛ راستبازيءَ جي هٿيارن سان سڄي پاسي ۽ کٻي پاسي؛


۽ هو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ پاڪ ٿيلن جي لشڪرگاهہ ۽ پياري شهر کي وڪوڙي ويندا: ۽ آسمان مان باهہ ايندي ۽ انهن کي کائي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ