Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:4 - Sindhi Bible

4 خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ هر ڪنهن گهوڙي کي ڊپ کان ڇرڪائيندس، ۽ هر ڪنهن سوار کي چريو ڪندس: ۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي نگاهہ رکندس، ۽ قومن جي سڀني گهوڙن کي انڌو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند انهن قومن جي هر گھوڙي کي ٽاهہ ڏيندس ۽ انهن جي سوارن کي ديوانو ڪري ڇڏيندس. آءٌ يهوداہ وارن جي نگهباني ڪندس، پر سندن دشمنن جي سڀني گھوڙن کي انڌو ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تنهنجيون اکيون رات ۽ ڏينهن هن گهر ڏي کليل رهن، يعني انهيءَ جاءِ ڏي جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ تنهنجو نالو اتي رهندو: انهيءَ لاءِ تہ جيڪو سوال تنهنجو ٻانهو هن هنڌ ڏانهن ڪندو سو تون ٻڌندين.


تنهنڪري هن اُتي گهوڙا، ۽ رٿ، ۽ هڪڙو وڏو لشڪر ڏياري موڪليو: ۽ انهن رات جو اچي شهر کي گهيرو ڪيو.


۽ جڏهن اُهي لهي وٽس آيا، تڏهن اليشع خداوند کي سوال ڪري چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هنن ماڻهن کي انڌو ڪري ڇڏ. ۽ هن اليشع جي چوڻ موجب اُنهن کي انڌو ڪري ڇڏيو.


تہ تنهنجيون اکيون ڏينهن ۽ رات، هن گهر ڏانهن کليل رهن، يعني انهيءَ جاءِ ڏانهن جنهن جي نسبت ۾ تو چيو آهي تہ تون انهيءَ تي پنهنجو نالو رکندين؛ ۽ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو هن جاءِ ڏانهن ڪري سا ٻڌندين.


هاڻي اي منهنجا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجون اکيون کليل رهن ۽ جيڪا دعا هن گهر ۾ گهرڻ ۾ ٿي اچي، تنهن ڏانهن تون ڌيان ڪري پنهنجو ڪن ڏج.


هاڻي منهنجون اکيون کليل رهنديون، ۽ منهنجا ڪن اُها دعا ٻڌندا جا هن هنڌ ڪرڻ ۾ ايندي.


هاڻي ڌيان سان ڪن ڏي، ۽ تنهنجيون اکيون کليل هجن، تہ پنهنجي ٻانهي جي دعا ٻڌين، جا آءٌ هن وقت، ڏينهن ۽ رات، تنهنجن ٻانهن، بني اسرائيل جي لاءِ ٿو گهران، ۽ ساڳئي وقت ۾ آءٌ بني اسرائيل جا اُهي گناهہ قبول ٿو ڪريان، جي اسان تنهنجي برخلاف ڪيا آهن: هائو، مون ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي گناهہ ڪيو آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو.


اي خداوند، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، اي خداوند پنهنجون اکيون کولي ڏس، ۽ سنحيرب جون هي سڀيئي ڳالهيون جي هن جيئري خداوند جي ملامت ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليون آهن سي ٻڌ.


ڇالاءِ جو آءٌ هنن تي چڱائي لاءِ پنهنجي نظر رکندس ۽ انهن کي موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس: ۽ آءٌ انهن کي اڏيندس ۽ ڊاهي ڪين ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي ڄمائيندس ۽ پٽي ڪين ڇڏيندس.


آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس:


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي دسترخاني تي گهوڙن ۽ گاڏين سان، بهادر ماڻهن ۽ سڀني جنگي پهلوانن سان ڍءُ ڪندا.


اي منهنجا خدا، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ؛ پنهنجون اکيون پَٽي اسان جون ويرانيون، ۽ جيڪو شهر تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي، سو ڏس: ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پنهنجا عرض پنهنجين راستبازين ڪري نٿا پيش ڪريون، پر تنهنجي وڏي رحمت ڪري؛


۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ وڏو ماتم ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح مجدون جي واديءَ ۾ هددرمون جي لاءِ ماتم ٿيو هو.


۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.


تڏهن يهوداہ جا سردار پنهنجي دل ۾ چوندا، تہ يروشلم جا رهاڪو، لشڪرن جي خداوند، پنهنجي خدا جي سبب اسان جي طاقت آهن.


انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.


۽ گهوڙن، خچرن، اُٺن، ۽ گڏهن ۽ سڀني جانورن تي، جي منزلگاهہ ۾ هوندا، تن سڀني تي بہ ساڳي آفت نازل ٿيندي.


۽ آءٌ پنهنجي گهراڻي جي چوڌاري لشڪر وانگي گهيرو ڪندس، جيئن ڪو اچي وڃي نہ سگهي، ۽ نہ ڪو ظالم اُتان وري گذري: ڇالاءِ جو هاڻي مون پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي.


تنهنڪري جن زمانن ۾ ماڻهو اڻڄاڻ هئا، تن زمانن ۾ خدا چشم پوشي ڪئي؛ پر هاڻي هو ماڻهن کي حڪم ٿو ڏئي تہ جتي هجن، اتي سڀيئي توبهہ ڪن:


خداوند توکي چريائيءَ سان، ۽ انڌاپي سان، ۽ دل جي پريشانيءَ سان ماريندو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ