Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:3 - Sindhi Bible

3 ۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:3
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون.


۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


۽ آءٌ غصي ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾ انهن قومن کان وير وٺندس جن منهنجي نہ ٻڌي آهي.


۽ يعقوب جا باقي بچيل ملڪن ۽ گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا، جيئن شينهن ٻيلي جي جانورن ۾، ۽ جوان شينهن رڍن جي ڌڻن ۾ ٿيندو آهي: جو جڏهن انهن مان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن انهن کي لتاڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.


جيڪو ظلم لبنان سان ٿيو، ۽ جيڪو ڪوس جانورن جو ٿيو، جنهنڪري هو ڊڄي ويا، ۽ جيڪو ظلم تو ملڪ ۽ شهر ۽ اُن جي رهاڪن سان ڪيو ۽ ماڻهن جو خون وهايو، سو تو تي ايندو.


ڏس، انهيءَ وقت آءٌ انهن کي سزا ڏيندس، جي توکي ستائين ٿا: ۽ جيڪا منڊڪائي ٿي تنهن کي بچائيندس؛ ۽ جيڪا هڪالي ڪڍي ويئي هئي، تنهن کي گڏ ڪندس؛ ۽ جن جي سڄي دنيا ۾ خواري هئي، تن کي تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ وڏو ماتم ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح مجدون جي واديءَ ۾ هددرمون جي لاءِ ماتم ٿيو هو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ هر ڪنهن گهوڙي کي ڊپ کان ڇرڪائيندس، ۽ هر ڪنهن سوار کي چريو ڪندس: ۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي نگاهہ رکندس، ۽ قومن جي سڀني گهوڙن کي انڌو ڪندس.


انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن خداوند وٽان هنن ۾ وڏو گوڙ شور ٿيندو، ۽ هو پنهنجي پاڙيسريءَ جو هٿ جهليندا، ۽ هڪ ٻئي جي برخلاف هٿ کڻندا.


۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن روشني نہ رهندي، پر ٿڌ ۽ پارو هوندو.


۽ جيڪو هن پهڻ تي ڪِرندو سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.


جيڪو اُنهي پهڻ تي ڪِرندو، سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ