14 ۽ باقي جيڪي گهراڻا بچيل هوندا، سي سڀ علحدا علحدا، ۽ انهن جون زالون علحديون علحديون ماتم ڪنديون.
جيڪڏهن تون ڏاهو آهين تہ پنهنجي لاءِ ڏاهو آهين: ۽ جيڪڏهن تون ٺٺوليون ڪندين تہ تون ئي انهيءَ جو بار کڻندين.
پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو.
لاويءَ جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ سمعي جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛
انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.