Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:12 - Sindhi Bible

12 ۽ سڄو ملڪ ماتم ڪندو، هرڪو گهراڻو جدا جدا؛ دائود جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ ناتن جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12-14 سڄي ملڪ جو هر ڪو گھراڻو جدا جدا سوڳ ڪندو، يعني دائود جو گھراڻو، ناتن جو گھراڻو، لاويءَ جو گھراڻو، سمعي جو گھراڻو ۽ باقي ٻيا سڀ گھراڻا. هر گھراڻي جا مرد جدا پيا روئندا رڙندا تہ عورتون جدا پيون روئنديون رڙنديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند ناتن کي دائود ڏي موڪليو. ۽ اهو هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو هئا؛ هڪڙو شاهوڪار ۽ ٻيو غريب.


جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا؛ سموعہ، ۽ سوباب، ۽ ناتن، ۽ سليمان،


۽ انهيءَ رات فرعون، ۽ سندس نوڪر، ۽ سڀيئي مصري اُٿيا، ۽ مصر ۾ ڏاڍو ماتم مچي ويو؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ گهر ڪونہ هو، جنهن ۾ ڪو موت نہ ٿيو هجي.


تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي.


اُگهاڙين ٽڪرين تي هڪڙو آواز، بني اسرائيل جي روئڻ ۽ منٿ آزيءَ جو آواز، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڇالاءِ جو پنهنجي رستي ڏنگي ڪرڻ ڪري هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو آهي.


يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين.


زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.


ماڻهو ميڙيو، جماعت خاص طرح مقرر ڪريو، بزرگن کي گڏ ڪريو؛ ٻار ۽ کير پياڪ معصوم گڏ ڪريو: ڀلي گهوٽ پنهنجي ڪوٺيءَ مان، ۽ ڪنوار پنهنجي خلوت مان نڪري اچي.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ وڏو ماتم ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح مجدون جي واديءَ ۾ هددرمون جي لاءِ ماتم ٿيو هو.


لاويءَ جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ سمعي جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛


۽ لشڪرن جي خداوند جي گهر جي ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن، تہ اسين پنجين مهيني ۾ پاڻ کي جدا ڪري، ماتم ڪريون ڇا، جيئن سال بسال اسان ڪيو آهي؟


۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون.


۽ اُهو ملي آہ جو، ۽ اُهو مناہ جو، ۽ اُهو متتاہ جو، ۽ اُهو ناتن جو، ۽ اُهو دائود جو،


اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ