Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 12:11 - Sindhi Bible

11 ۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ وڏو ماتم ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح مجدون جي واديءَ ۾ هددرمون جي لاءِ ماتم ٿيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ ايڏو تہ وڏو سوڳ ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح مگدون جي ماٿريءَ ۾ هدد رمون جي لاءِ سوڳ ڪيو ويندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 12:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ڏينهن ۾ فرعون نڪوہ، مصر جو بادشاهہ، اسور جي بادشاهہ تي ڪاهہ ڪري فرات نديءَ تائين ويو: ۽ يوسياہ بادشاهہ سندس مقابلو ڪيو، ۽ مجدو ۾ جڏهن هن ڏٺس تڏهن ماري وڌائينس.


انهيءَ هوندي بہ يوسياہ پنهنجو منهن هن کان نہ ڦيرايو، پر هن سان وڙهڻ لاءِ پنهنجو ويس بدلايائين، ۽ خدا جي واتان نڪتل نڪوہ جي ڳالهہ نہ ٻڌائين، ۽ مجدو جي واديءَ ۾ وڙهڻ لاءِ آيو.


تڏهن هن جي نوڪرن کيس گاڏيءَ مان ڪڍيو ۽ ٻي جيڪا سندس گاڏي هئي، تنهن ۾ رکيائونس، پوءِ يروشلم ۾ وٺي آيس، ۽ هو مئو ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو؛ ۽ ساري يهوداہ ۽ يروشلم يوسياہ لاءِ ماتم ڪيو.


۽ سڄو ملڪ ماتم ڪندو، هرڪو گهراڻو جدا جدا؛ دائود جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ ناتن جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛


۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


۽ انهن کين انهي هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ هومگدون ٿا چون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ