Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن مون چيو تہ هاڻي آءٌ اوهان کي چارو ڪين ڏيندس. جيڪو مري ٿو، تنهن کي مرڻ ڏيو؛ ۽ جيڪو چٽ ٿو ٿئي، تنهن کي چٽ ٿيڻ ڏيو؛ ۽ جيڪي باقي بچيل آهن، سي هڪ ٻئي جو گوشت کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ ڌڻ مان بہ بيزار ٿي پيس ۽ ان کي چيم تہ ”آءٌ هاڻ وڌيڪ تنهنجو ريڍار نہ ٿيندس. جيڪو مري ٿو سو ڀلي مري ۽ جيڪو ناس ٿو ٿئي سو ڀلي تہ ناس ٿئي. باقي جيڪي بچي وڃن سي ڀلي تہ هڪٻئي جون ٻوٽيون کائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ هنن کي سندن پٽن جو گوشت ۽ سندن ڌيئن جو گوشت کارائيندس، ۽ جنهن گهيري ۽ تنگيءَ سان هنن جا دشمن ۽ هنن جي ساهہ جا طالب، هنن کي تنگ ڪندا، تنهن ۾ هنن مان هرڪو پنهنجي دوست جو گوشت کائيندو.


۽ جيڪڏهن اها قوم، يا اُهو نبي، يا ڪو ڪاهن تو کان پڇي ۽ چوي تہ خداوند جو ڪلام ڪهڙو آهي؟ تہ تون انهن کي چئج تہ ڪهڙو ڪلام؟ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي اُڇلائي ڇڏيندس.


تنهن ڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي بلڪل وساري ڇڏيندس، ۽ اوهان کي پنهنجي حضور مان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ شهر کي بہ جو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.


۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا،


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


منهنجي قوم علم نہ هئڻ ڪري ناس ٿي ويئي آهي: تو معرفت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ توکي بہ رد ڪندس، تہ تون منهنجو ڪاهن نہ ٿين: جڏهن تو پنهنجي خدا جي شريعت وساري ڇڏي آهي، تڏهن آءٌ بہ تنهنجا ٻار وساري ڇڏيندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ سڄي ملڪ مان ٻہ حصا قتل ٿي ويندا ۽ مرندا، ۽ باقي ٽيون حصو بچي ويندو.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو.


تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت اوهان کان کسي انهيءَ قوم کي ڏني ويندي، جا انهيءَ جو ڦل ڏيندي.


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


تڏهن وري چيائين تہ آئون وڃان ٿو، ۽ اوهين مون کي ڳوليندا، پر جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، ۽ اوهين پنهنجي گناهہ ۾ مرندا.


تنهنڪري مون چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين نہ مڃيندا تہ آئون اُهو ئي آهيان، تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا.


جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ