Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:8 - Sindhi Bible

8 ۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هڪڙي ئي مهيني ۾ مون ٽن ريڍارن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کان نفرت ٿي ڪئي، آءٌ بہ انهن مان بيزار ٿي پيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:8
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ هو اسرائيل جو دشمن هو، ۽ هدد جيڪو نقصان رسايو هو سو انهيءَ کان سواءِ هو: ۽ هو اسرائيل کي ڌڪاريندو هو، ۽ ارام ۾ حڪومت ڪندو هو.


تڏهن خداوند کي پنهنجيءَ اُمت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هو پنهنجيءَ ميراث جي حقارت ڪرڻ لڳو.


مغرور تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندا؛ توکي سڀني بدڪارن کان نفرت آهي.


بني افرائيم هٿيار ٻڌا ۽ ڪمانون کنيون، پر جنگ جي ڏينهن پٺ ڏيئي ڀڳا.


جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي.


منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي ٿي آهي جهڙو ٻيلي ۾ شينهن: هن مون تي وڏي آواز سان گوڙ ڪيو آهي؛ تنهن ڪري مون هن کي ڌڪاريو آهي.


پنهنجي نالي جي واسطي اسان کي نہ ڌڪار، پنهنجي جلال جي تخت کي بي عزت نہ ڪر: اسان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ياد ڪر، ۽ انهي کي نہ ڀڃ.


ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.


انهي لاءِ تہ آءٌ اسرائيل جي گهراڻي کي خود سندن خيالن ۾ پڪڙيان، ڇالاءِ جو هو سڀ پنهنجي بُتن جي ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن.


تون پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ آهين، جا پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٻارن کي ڌڪاري ٿي؛ ۽ تون پنهنجي ڀينرن جي ڀيڻ آهين، جن پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي ڌڪاريو ٿي: تنهنجي ماءُ حتي هئي ۽ تنهنجو پيءُ اموري هو.


منهنجي قوم علم نہ هئڻ ڪري ناس ٿي ويئي آهي: تو معرفت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ توکي بہ رد ڪندس، تہ تون منهنجو ڪاهن نہ ٿين: جڏهن تو پنهنجي خدا جي شريعت وساري ڇڏي آهي، تڏهن آءٌ بہ تنهنجا ٻار وساري ڇڏيندس.


هنن خداوند جي برخلاف دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ڌاريا ٻار ڄڻيا آهن: هاڻي نئون چنڊ هنن کي سندن ٻنين سميت ڳهي ويندو.


هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن.


۽ آءٌ پنهنجو خيمو اوهان ۾ کوڙيندس: ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت نہ ڪندو.


۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو.


انهي هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي آءٌ انهن کان نفرت ڪندس، نڪي کين بلڪل برباد ڪندس، ۽ نڪي انهن سان ڪيل پنهنجو عهد ڀڃندس: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان:


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي؛ ۽ جيسين اُها پوري نہ ٿئي تيسين آئون ڪهڙي نہ سوڙهہ ۾ آهيان!


پر سندس شهر جي ماڻهن جي ساڻس نٿي پيئي، تن پٺيانئس ايلچي ڏياري موڪليا، تہ اسان جي مرضي نہ آهي تہ ڪو هيءُ ماڻهو اسان تي بادشاهي ڪري.


جيڪڏهن دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري، تہ اوهان کي خبر آهي تہ اوهان کان اڳي مون سان بہ نفرت ڪئي اٿس.


ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.


خداوند اهو ڏٺو، ۽ انهن کان نفرت ٿيس، ڇالاءِ جو انهي جي پٽن ۽ ڌين کيس ڪاوڙايو.


پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ