Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:7 - Sindhi Bible

7 انهيءَ ڪري مون انهن رڍن کي، جي ڪوس لاءِ تيار هيون، يعني ڌڻ جي مسڪينن کي، چارو ڏنو، ۽ مون پنهنجي لاءِ ٻہ لٺيون هٿ ڪيون؛ هڪڙيءَ جو نالو مهرباني ۽ ٻيءَ جو نالو ميلاپ رکيو؛ ۽ ڌڻ کي چارو ڏنم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو آءٌ انهيءَ ڌڻ کي رڍن جي واپارين لاءِ چارڻ لڳس، جيڪو ڪوس لاءِ مقرر هو. تڏهن مون ٻہ لٺيون کنيون جن مان هڪڙيءَ کي ”مهرباني“ ۽ ٻيءَ کي ”اتحاد“ سڏيم. اهڙيءَ طرح آءٌ ڌڻ کي چارڻ لڳس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، جيتوڻيڪ آءٌ موت جي پاڇي جي واديءَ مان لنگهندس، تہ بہ آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ کان ڪين ڊڄندس؛ ڇو جو تون مون سان آهين: تنهنجو لڪڻ ۽ تنهنجي لٺ مون کي دلجاءِ ٿي ڏئي.


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


شل خداوند اسان جي خدا جو جمال اسان تي هجي: تون اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر؛ هائو، تون ئي اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر.


پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.


هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


پر پهري وارن جي سردار نبوزرادان، غريب ماڻهن مان جن کي يهوداہ ۾ ڪي بہ ڪين هو تن کي ڇڏي ڏنو، ۽ ساڳئي وقت ۾ هنن کي ڊاک جا منهہ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.


۽ ڍورن ۽ ڌڻن منجهان بہ، سڀ جيڪي ڌنار جي لٺ هيٺان ٿا لنگهن، تن جو ڏهون حصو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو.


پنهنجي قوم کي، ۽ جيڪو تنهنجي ورثي جو ڌڻ آهي تنهن کي، پنهنجي لٺ کڻي ڪرمل جي ٻيلي منجهہ چار: ڀلي تہ بسن جلعاد ۾ چرن، جيئن اڳين ڏينهن ۾ ڪندا هئا.


پر آءٌ تنهنجي وچ ۾ هڪڙي ڏکويل ۽ غريب قوم ڇڏيندس، جا خداوند جي نالي تي ڀروسو رکندي.


تڏهن مون ٻيءَ لٺ، يعني ميلاپ کي بہ ڀڃي ڇڏيو، تہ آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل جي برادريءَ کي بہ ڀڃي ڇڏيان.


خداوند منهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ جيڪي رڍون ڪوس لاءِ آهن، انهن کي چارو ڏي؛


تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


دائود تہ پاڻ هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟ ۽ عام خلق هن جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٿي ٻڌيون.


۽ منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن، جي هن واڙي جون نہ آهن: اُنهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي، ۽ اُهي منهنجو آواز ٻُڌنديون؛ پوءِ هڪڙو ڌڻ ٿيندو ۽ هڪڙو ڌنار.


منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟


۽ هن پنهنجي لٺ هٿ ۾ کنئي، ۽ نهر مان پنج لسا پٿر چونڊي ڪڍيائين، ۽ وٽس جيڪا ڌنارن جي ڳوٿري هئي تنهن ۾، يعني پنهنجي ٿيلهيءَ ۾ اُهي وڌائين، ۽ پنهنجي کانڀاڻي هٿ ۾ جهليائين: پوءِ هو انهي فلستيءَ کي ويجهو ويو.


۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون لٺ کڻي مون تي آيو آهين؟ ۽ فلستي پنهنجن معبودن جا قسم کڻي دائود تي لعنت وڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ