Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:5 - Sindhi Bible

5 جن جا مالڪ هنن کي ڪُهن ٿا، ۽ پاڻ کي بي ڏوهي ٿا سمجهن؛ ۽ جن جا سوداگر چون ٿا، تہ خداوند برڪت وارو آهي، جو آءٌ دولتمند ٿيو آهيان: ۽ خود سندن ريڍار رحم نٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهن ڌڻن جا خريدار انهن کي ڪهن ٿا پر کين ڪابہ سزا ڪانہ ٿي ملي. هوڏانهن انهن ڌڻن کي وڪرو ڪندڙ ريڍار چون ٿا تہ ’خداوند جو شڪر آهي جو اسين دولتمند ٿي ويا آهيون.‘ ائين انهن ڌڻن جا پنهنجا ريڍار بہ مٿن ترس نہ ٿا کائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:5
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي نبين جي پٽن جي زالن مان ڪنهن هڪڙيءَ زال اليشع کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي: ۽ توکي خبر آهي تہ تنهنجو ٻانهو خدا ترس ماڻهو هو: ۽ قرض خواہ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجا ٻہ پٽ پنهنجا غلام ڪري.


۽ انهن کي چيم تہ اسان پنهنجي وسعت آهر انهن پنهنجن يهودي ڀائرن کي پئسا ڏيئي ڇڏايو آهي، جي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا؛ ۽ اوهين ائين گهرو ٿا ڇا تہ پنهنجا ڀائر وڪڻو، ۽ اهي اسان وٽ وڪامن؟ تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيا ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪُڇيائون.


اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ، ۽ سندس فصل جو پهريون ڦر هو: جيڪي انهي کي ڳڙڪائيندا سي ڏوهاري ٺهرائڻ ۾ ايندا؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهن تي مصيبت ايندي.


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ انهن ڌنارن جي برخلاف آهيان؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون انهن کان ڇڪي وٺندس، ۽ رڍن چارڻ کان انهن کي موقوف ڪندس؛ نڪي اُهي ڌنار وري اڳتي پنهنجو پيٽ ڀريندا؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون هنن جي وات مان ڇڏائيندس، تہ هو انهن جو قوت نہ ٿين.


ڇالاءِ جو اوهين پنهنجي پاسي ۽ پنهنجي ڪلهي سان ڌڪيو ٿا، ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجن سڱن سان ٿيلها ٿا ڏيو، ۽ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيو اٿوَ؛


منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري.


۽ افرائيم چيو تہ يقيناً آءٌ دولتمند ٿيو آهيان، مون دولت لڌي آهي: منهنجن سڀني ڪمن ۾ هو مون ۾ ڪابہ بدڪاري ڪانہ لهندا جا گناهہ ٿي سگهي.


پر آءٌ مصر جي ملڪ کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان؛ آءٌ اوهان کي اڃا وري بہ تنبن ۾ رهائيندس، جيئن پاڪ عيد واري ڏينهن ۾ هو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سچار کي چانديءَ لاءِ وڪڻيو آهي ۽ محتاج کي جُتيءَ جي جوڙي لاءِ:


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو رڍن جي واڙي ۾ دروازي کان نٿو گهڙي، پر ٻئي ڪنهن رستي کان ٽپي ٿو اچي، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.


هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


۽ دال چيني، ۽ مصالحہ، ۽ مر، ۽ عطر، ۽ لوبان، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ميدو، ۽ ڪڻڪ، ۽ ڍور، ۽ رڍون، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ غلام، ۽ ماڻهن جون جانيون.


ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ