Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:17 - Sindhi Bible

17 افسوس، انهيءَ نالائق ريڍار تي، جو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي! هن جي ساڄيءَ ٻانهن ۽ ساڄيءَ اک تي ترار اچي ڦرندي؛ هن جي ٻانهن بلڪل سُڪي ويندي ۽ هن جي ساڄي اک انڌي ٿي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ويل آهي انهيءَ نالائق ريڍار لاءِ! جيڪو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي. هن جي ٻانهن سڪي ويندي، ۽ سندس ساڄي اک صفا انڌي ٿي پوندي. هائو، ويل آهي انهيءَ نالائق حڪمران لاءِ! جنگ ۾ سندس طاقت بلڪل ختم ٿيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:17
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جو ڪلام ٻڌو، جو هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ جي برخلاف ڪيو، تڏهن يربعام قربانگاهہ تان پنهنجو هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو تہ هن کي پڪڙيو. ۽ جيڪو هٿ هن ڊگهيريو هو سو اهڙو سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي نہ سگهيو.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان تي گهاٽيءَ ننڊ جو روح موڪليو آهي، ۽ اوهان جون اکيون بند ڪيون اٿس: ۽ اوهان جي نبين، ۽ سردارن، ۽ غيب ڏسندڙن کي ڍڪي ڇڏيو اٿس.


ڪنهن ڪو اهڙو معبود جوڙيو، يا ڪا اُڪريل مورت پلٽي آهي، جنهن مان ڪو فائدو ٿئي؟


تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر وڃ ۽ اُتي هي ڳالهہ ٻڌاءِ،


خداوند ٿو فرمائي تہ افسوس انهن تي جي منهنجي چراگاهہ جي رڍن کي ماري ڇڙ وڇڙ ڪري ٿا ڇڏين:


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن جي بي عقل نبين جي حال تي افسوس آهي، جي پنهنجي روح جي پيروي ٿا ڪن، ۽ ڏٺو ڪي بہ ڪين اٿن!


اي آدمزاد، اسرائيل جي ڌنارن جي برخلاف نبوت ڪر؛ نبوت ڪري انهن کي، يعني انهن ڌنارن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي اسرائيل جي ڌنارن سان، جي پاڻ کي چارين ٿا! ڌنارن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ رڍن کي چارين؟


ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي.


۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ تون وري بہ بي عقل ريڍار جو سامان کڻ.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي انڌا سونهان، جو چئو ٿا تہ جيڪو هيڪل جو قسم کڻندو سو ٻڌل آهي.


”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“


يسوع چيو تہ آئون هن جهان ۾ عدالت جي لاءِ آيو آهيان، تہ جيڪي نٿا ڏسن سي ڏسي سگهن؛ ۽ جيڪي ڏسن وائسن ٿا سي انڌا ٿين.


تڏهن ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ جيڪي اسرائيل ٿو ڳولي، سو هن کي نہ مليو؛ پر چونڊيلن کي اهو ملي ويو، ۽ باقي ٻيا سخت دل ڪيا ويا.


هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.


ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن تنهنجو زور ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي جو زور آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، جنهنڪري تنهنجي گهراڻي ۾ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ