Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:14 - Sindhi Bible

14 تڏهن مون ٻيءَ لٺ، يعني ميلاپ کي بہ ڀڃي ڇڏيو، تہ آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل جي برادريءَ کي بہ ڀڃي ڇڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن مون پنهنجي ٻي لٺ بہ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”اتحاد“ هو. ائين ڪرڻ سان ڄڻ مون يهوداہ وارن ۽ اسرائيل وارن جي برادريءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن افرائيم جو حسد بہ هليو ويندو، ۽ جيڪي يهوداہ کي ستائيندا سي بہ وڍجي ويندا: افرائيم يهوداہ تي حسد نہ ڪندو، ۽ يهوداہ افرائيم کي نہ ستائيندو.


منسي ۽ افرائيم؛ ۽ افرائيم ۽ منسي: ۽ اهي ٻئي گڏجي يهوداہ جي برخلاف ٿيندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


آءٌ انهي زمين ۾ اسرائيل جي جبلن تي هنن کي هڪڙي قوم ڪندس؛ ۽ هڪڙو ئي بادشاهہ هنن سڀني جو بادشاهہ ٿيندو: ۽ هو اڳتي ٻہ قومون ٿي نہ رهندا، نڪي وري ڪڏهن بہ ٻن بادشاهتن ۾ ورهائجي ويندا:


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ ملڪ جي رهاڪن تي رحم ڪين ڪندس: پر ڏس، آءٌ هر ڪنهن شخص کي سندس پاڙيسريءَ جي هٿ ۾، ۽ سندس بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪندا، ۽ آءٌ کين انهن جي هٿان نہ ڇڏائيندس.


انهيءَ ڪري مون انهن رڍن کي، جي ڪوس لاءِ تيار هيون، يعني ڌڻ جي مسڪينن کي، چارو ڏنو، ۽ مون پنهنجي لاءِ ٻہ لٺيون هٿ ڪيون؛ هڪڙيءَ جو نالو مهرباني ۽ ٻيءَ جو نالو ميلاپ رکيو؛ ۽ ڌڻ کي چارو ڏنم.


تڏهن مون چيو تہ هاڻي آءٌ اوهان کي چارو ڪين ڏيندس. جيڪو مري ٿو، تنهن کي مرڻ ڏيو؛ ۽ جيڪو چٽ ٿو ٿئي، تنهن کي چٽ ٿيڻ ڏيو؛ ۽ جيڪي باقي بچيل آهن، سي هڪ ٻئي جو گوشت کائين.


تڏهن گهڻا ئي گمراهہ ٿيندا، ۽ هڪ ٻئي کي جهلائيندا، ۽ هڪ ٻئي سان عداوت رکندا.


۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.


پر جيڪڏهن اوهين هڪ ٻئي کي چڪ ٿا هڻو ۽ ڳهي ٿا وڃو، تہ خبردار ٿيو ڇوتہ انهي ڪري هڪ ٻئي کي چٽ ڪري ڇڏيندا.


پر جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سخت حسد ۽ نفاق آهي تہ فخر نہ ڪريو، نڪي سچ جي برخلاف ڪوڙ ڳالهايو.


ڇالاءِ جو جتي حسد ۽ نفاق آهي، اتي فساد ۽ هر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ