Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 11:12 - Sindhi Bible

12 ۽ مون کين چيو تہ، جي اوهان جي نگاهہ ۾ اهو واجب هجي، تہ اوهين منهنجي مزوري مون کي ڏيو، نہ تہ ٺهيو. سو هنن منهنجي مزوريءَ لاءِ ٽيهہ روپيا توري ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 مون کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين بهتر سمجھو ٿا تہ مون کي منهنجي مزدوري ڏيو، نہ تہ ٺهيو.“ سو هنن مون کي مزدوريءَ طور جيڪا چاندي توري ڏني سا رڳو ٽيهہ سڪا هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 11:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرهام، عفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي؛ ۽ ابرهام اوتري چاندي، جيتري هن حت جي پٽن جي روبرو چئي هئي، يعني چانديءَ جا چار سؤ سڪا، جي واپارين ۾ چالو هئا، سي توري ڏنائينس.


پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.


۽ اخي آب نبوت کي چيو تہ اهو تنهنجو ڊاک جو منهہ منهنجي گهر جي ويجهو آهي، تنهنڪري اهو مون کي ڏي تہ انهيءَ کي ڀاڄين جو باغ بنايان؛ ۽ انهيءَ جي بدران آءٌ توکي انهيءَ کان بهتر ڊاک جو منهہ ڏيندس: يا جي تنهنجي مرضي هوندي تہ اُنهيءَ جو ملهہ آءٌ توکي ڏيندس.


تنهنڪري هاڻي حڪم جاري ڪر تہ لبنان مان منهنجي لاءِ ديودار جا وڻ وڍيا وڃن، ۽ منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان همراهہ ٿيندا؛ ۽ آءٌ تنهنجن نوڪرن جو اُجورو، جيترو تون چوندين اوترو ڏيندس: ڇالاءِ جو توکي خبر آهي تہ اسان ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ صيدونين جهڙو هجي.


۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي ۽ ساري جماعت جي نظر ۾ چڱي هئي.


جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن غلام يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي تہ هو انهي جي مالڪ کي چانديءَ جا ٽيهہ مشڪال ڀري ڏئي، ۽ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي.


مون اُها ٻني خريد ڪئي، جا عنتوت ۾ منهنجي چاچي جي پٽ حنم ايل جي هئي، ۽ پئسا توري هن کي ڏنم، جي چانديءَ جا سترهن شيڪل ٿيا.


۽ جيڪڏهن ڪا زال هجي، تہ انهيءَ جي لاءِ تنهنجو انداز ٽيهہ مشقال ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


جي آئون هن کي اوهان جي حوالي ڪريان تہ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟ ۽ هنن کيس ٽيهہ روپيا توري ڏنا.


۽ انهن اُهي روپيا ڪنڀر جي ٻنيءَ لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي فرمايو هو.“


تڏهن جيڪي يرمياهہ نبيءَ چيو هو، سو پورو ٿيو تہ ”جنهن جو ملهہ ڪن بني اسرائيلين رٿي ڇڏيو هو، تنهن جي قيمت لاءِ اُهي ٽيهہ روپيا هنن ورتا؛


۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ