ذڪرياہ 11:11 - Sindhi Bible11 ۽ اُهو اُنهيءَ ڏينهن ڀڄي پيو: تڏهن ڌڻ جي مسڪينن، جي منهنجي ٻڌندا هئا، تن سمجهيو تہ هي خداوند جو ڪلام آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible11 سو اهو عهد ان ڏينهن تي ئي منسوخ ٿي ويو. تڏهن رڍن جي واپارين اهو سڀ ڏسي سمجھي ورتو تہ هي خداوند جو پيغام آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن منهنجي چاچي جو پٽ حنم ايل خداوند جي ڪلام موجب پهري وارن جي ايوان ۾ مون وٽ آيو، ۽ مون کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا منهنجي ٻني عنتوت ۾ آهي، ۽ جا بنيمين جي زمين آهي، سا خريد ڪر، ڇالاءِ جو موروثي حق ۽ خريداريءَ جو حق تنهنجو آهي؛ سو اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر. تڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ اهو خداوند جو ڪلام هو.
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.