Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 10:3 - Sindhi Bible

3 منهنجي ڪاوڙ ريڍارن تي اُٿي آهي، ۽ آءٌ ٻڪرن کي سزا ڏيندس: تہ بہ لشڪرن جي خدا پنهنجي ڌڻ، يعني بني اسرائيل تي نگاهہ ڪئي آهي، ۽ انهن کي جنگ ۾ پنهنجي خوبصورت گهوڙي وانگر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهن ڌارين حڪمرانن تي منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي اُٿي آهي، جيڪي منهنجي قوم تي حڪمراني ڪن ٿا، سو آءٌ انهن کي سزا ڏيندس. هاڻ آءٌ قادر‌مطلق خداوند پاڻ پنهنجي قوم، يعني يهوداہ وارن جي سنڀال لهندس. آءٌ انهن کي زورآور جنگي گھوڙي جهڙو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 10:3
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ڪڏهن قرناءِ جو آواز ٿئي ٿو تڏهن هو چوي ٿو تہ واہ واہ! ۽ هن کي جنگ جي پري کان بانس اچي ٿي. ۽ سردارن جي هڪل ۽ رڙين جي بہ.


تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.


گهوڙو جنگ جي ڏينهن لاءِ تيار ڪجي ٿو، پر فتح خداوند جي وس آهي.


اي منهنجي پياري مون، فرعون جي گاڏين جي هڪڙي گهوڙيءَ سان تنهنجي مشابهت ڪئي آهي.


تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو.


ڇالاءِ جو ڌنار حيوان ٿي پيا آهن، ۽ خداوند کان پڇا نہ ڪئي اٿن: تنهن ڪري هو ڪامياب نہ ٿيا آهن، ۽ انهن جا ڌڻ سڀ ٽڙي پکڙي ويا آهن.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي سزا ڏيندس: جوان ماڻهو ترار سان مرندا: هنن جا پٽ ۽ هنن جون ڌيئرون ڏڪار سان مرنديون؛


۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.


اي ڌنار، واويلا مچايو ۽ دانهن ڪريو؛ اي گلي جا سردار، اوهين خاڪ ۾ ليٽو؛ ڇالاءِ جو اوهان جي ڪوس جا ڏينهن اچي ڀريا آهن، ۽ آءٌ اوهان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ اوهين هڪڙي نازڪ ٿانوَ وانگي ڪري پوندا.


منهنجي قوم رلي ويل رڍن وانگي ٿي پئي آهي: انهن جي ڌنارن انهن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، هنن انهن کي جبلن تي هڪالي ڇڏيو آهي: اهي جبل کان ٽڪريءَ ڏي ويا آهن، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ وساري ڇڏي اٿن.


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ پاڻ پنهنجين رڍن جي تلاش ڪندس ۽ انهن کي ڳولي لهندس.


جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس.


اي آدمزاد، اسرائيل جي ڌنارن جي برخلاف نبوت ڪر؛ نبوت ڪري انهن کي، يعني انهن ڌنارن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي اسرائيل جي ڌنارن سان، جي پاڻ کي چارين ٿا! ڌنارن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ رڍن کي چارين؟


۽ جيڪي عهد اقرار جي برخلاف شرارت ڪندا، تن کي هو خوشامدون ڪري ڦيرائي ڇڏيندو: پر جيڪي ماڻهو پنهنجو خدا سڃاڻن ٿا سي زور وارا ٿيندا، ۽ وڏا ڪم ڪندا.


۽ خداوند جي قرباني واري ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ اميرن ۽ شهزادن ۽ انهن سڀني کي، جن پرديسي پوشاڪ پاتي آهي، سزا ڏيندس.


۽ اهو ئي ڪنارو يهوداہ جي باقي رهيلن جي لاءِ ٿيندو؛ انهي تي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا: اسقلون جي مڪانن ۾ هو شام جو اچي سمهندا؛ ڇالاءِ جو خداوند سندن خدا سندن سار لهندو، ۽ سندن قيدي موٽائي آڻيندو.


افسوس، انهيءَ نالائق ريڍار تي، جو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي! هن جي ساڄيءَ ٻانهن ۽ ساڄيءَ اک تي ترار اچي ڦرندي؛ هن جي ٻانهن بلڪل سُڪي ويندي ۽ هن جي ساڄي اک انڌي ٿي ويندي.


”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


تڏهن هوءَ پنهنجن ننهن سان اُٿي تہ موآب جي ملڪ مان هلي وڃي، ڇالاءِ جو هن موآب جي ملڪ ۾ ٻڌو هو تہ خداوند پنهنجي قوم تي مهرباني ڪري انهن کي ماني ڏني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ