Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 1:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ ۽ جنهن فرشتي مون سان ڳالهايو پئي، تنهن مون کي چيو تہ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ جيڪو مون سان گڏ بيٺو هو تنهن کان پڇيم تہ ”اي منهنجا سائين! هنن گھوڙن ۽ سندن سوارن جو ڇا مطلب آهي؟“ انهيءَ ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ تو کي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 1:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا جي فرشتي مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ اي يعقوب، ۽ مون چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي ڏانهن آءٌ رڙهي ويجهو ٿيس، ۽ انهي سڄي احوال جي حقيقت پڇي مانس. تڏهن هن مون کي اُهي ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جو مطلب سمجهايائين.


۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي خداوند ورندي ڏيئي چڱيون ۽ تسليءَ جهڙيون ڳالهيون ٻڌايون.


۽ مون انهيءَ فرشتي، جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي چيو تہ هي ڇا آهن؟ ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ، اسرائيل ۽ يروشلم کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي.


۽ ڏس، جنهن فرشتي مون سان ٿي ڳالهايو، سو ٻاهر نڪري ويو، ۽ ٻيو هڪڙو فرشتو هن کي گڏجڻ لاءِ نڪتو.


۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، سو وري مون وٽ آيو، ۽ مون کي ائين اچي اُٿاريائين، جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي.


تڏهن هن مون کان پڇيو، تہ اهي زيتون جا وڻ جي شمعدان جي سڄي ۽ کٻي پاسي آهن، اُهي ڇا آهن؟


تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن نڪري مون کي چيو، تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ ڏس، تہ هيءُ جيڪو وڃي ٿو سو ڇا آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ