Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 1:8 - Sindhi Bible

8 ۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 رات جي وقت مون رويا ۾ ڏٺو تہ منهنجي اڳيان هيٺاهين ماٿريءَ ۾ مينديءَ جا وڻ آهن، تڏهن ڇا ڏسان تہ ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هڪڙو ملائڪ انهن مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ مون آڏو اچي بيٺو. هن جي پٺيان ڳاڙهي، ابلق ۽ اڇي رنگ وارن گھوڙن تي ڪي ٻيا بہ سوار هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 1:8
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا رات جي وقت خواب ۾ ابي ملڪ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ جيڪا زال تو پاڻ وٽ گهرائي آهي، تنهن جي ڪري تون پاڻ کي مئل سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُها ٻئي ماڻهوءَ جي زال آهي.


۽ خدا اسرائيل سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو ۽ چيائينس تہ اي يعقوب، اي يعقوب، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


جبعون ۾ خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏني: ۽ خدا چيو تہ ٻڌاءِ تہ آءٌ توکي ڇا ڏيان؟


۽ پنهنجن سڀني شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾، اشتهار ڪن، ۽ پڌرائي ڪرائين، ۽ چون تہ نڪري جبل ڏانهن وڃو ۽ زيتون جون ٽاريون ۽ جهنگلي زيتون جون ٽاريون، ۽ مر جي وڻن جون ٽاريون، ۽ کجيءَ جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جون ٽاريون لانڍين جوڙڻ لاءِ آڻيو، جيئن ڪ لکيل آهي.


رات جي رويائن جي خيالن جي وچ ۾، جڏهن ماڻهن تي گهاٽي ننڊ غالب ٿئي ٿي،


منهنجو محبوب منهنجو آهي، ۽ آءٌ سنديس آهيان: هو پنهنجو گلو سوسن ۾ ٿو چاري.


منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.


آءٌ بيابان ۾ ديودار ۽ ٻٻر جا وڻ، ۽ ميندي ۽ زيتون جا وڻ لڳائيندس؛ آءٌ رڻ پٽ ۾ صنوبر جا وڻ، ديال ۽ سڌا سرو گڏي لڳائيندس.


ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


تڏهن رات جو هڪڙي رويا ۾ داني ايل کي انهي ڳجهہ جو ڪشف ٿيو: تڏهن داني ايل آسمان جي خدا جو شڪرانو بجا آندو.


۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون.


داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.


۽ جيڪو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي آهن جن کي خداوند سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ لاءِ موڪليو آهي.


۽ هنن، اُنهي خداوند جي فرشتي کي جو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو، تہ اسين سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمي آيا آهيون، ۽ ڏس، سڄي دنيا چپ چاپ ۽ آرام ۾ آهي.


دارا جي ٻئي سال جي يارهين مهيني جي چوويهن تاريخ، جو سباط جو مهينو آهي، خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو تي نازل ٿيو، تہ


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع يريحو جي ڀرسان آيو، تڏهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريائين تہ ڏسي، تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار ڪڍيو بيٺو آهي: ۽ يشوع وٽس ويو ۽ چيائينس تہ تون اسان جي لاءِ آهين يا اسانجن دشمنن جي لاءِ؟


افسس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن شمعدانن جي وچ ۾ ٿو هلي، سو چوي ٿو تہ


۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.


۽ ٻيو گهوڙو نڪتو، جو ڳاڙهو هو: ۽ جيڪو مٿس سوار هو، تنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ سندس ڪري زمين تان صلح ويندو رهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کي قتل ڪن: ۽ کيس هڪڙي وڏي ترار ڏني ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ