5 اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي آهن؟ ۽ نبي ڪو هميشہ لاءِ جيئرا آهن ڇا؟
5 اوهان جا ابا ڏاڏا ۽ اهي نبي ڇا هاڻي تائين جيئرا آهن؟
هاڻي اليشع اُنهيءَ بيماريءَ ۾ گرفتار هو، جنهنڪري هو مئو: ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چيائين تہ اي منهنجا ابا، منهنجا ابا، اسرائيل جا رٿ ۽ انهن جا گهوڙي سوار!
۽ اليشع وفات ڪئي ۽ انهيءَ کي دفن ڪيائون. هاڻي موآبين جي ٽولين سال جي شروعات ۾ ملڪ تي ڪاهہ ڪئي.
اسان جي ڄمار جا ڏينهن ستر ورهيہ آهن يا طاقت جي ڪري کڻي اسي ورهيہ ٿين، تڏهن بہ انهيءَ جي رونق فقط محنت ۽ غم آهي؛ ڇو جو اها جلد گذريو وڃي ۽ اسين اُڏامي ٿا وڃون.
هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي، ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي؛ ۽ زمين هميشہ قائم هلي ٿي اچي.
هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.
۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.
تون ٻي ويڙهي کڻ ۽ جيڪي اڳوڻيون ڳالهيون اُنهي پهرين ويڙهي ۾ لکيل هيون، جا يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏي هئي، سي سڀ انهي ۾ لک.
اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن.
يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو.
ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو:
۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛
۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.