Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 1:4 - Sindhi Bible

4 اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن کي اڳين نبين پڪاري مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ هو پنهنجن بڇڙن افعالن ۽ طور طريقن کان باز اچن. پر هنن مون خداوند جو فرمان ٻڌو اڻ‌ٻڌو ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 1:4
55 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ قاصد بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خط کڻي ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ ويا، ۽ بادشاهہ جي حڪم موجب چيائون تہ اي بني اسرائيليو، اوهين خداوند، ابرهام ۽ اسحاق ۽ اسرائيل جي خدا ڏانهن موٽو، تہ هو اوهان مان جيڪي اسور جي بادشاهن جي هٿن کان باقي بچيا آهن، تن ڏانهن موٽي.


۽ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن وانگي ۽ پنهنجن ڀائرن وانگي نہ ٿيو، جن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو، جنهن ڪري هن انهن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ اوهين ڏسو ٿا.


اوهين وڃي منهنجي لاءِ، ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن لاءِ، جيڪو ڪتاب لڌو آهي تنهن جي ڪلام بابت پڇا ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي گهڻي نازل ٿي آهي، جو اسان جي ابن ڏاڏن خداوند جي ڪلام جي سنڀال نہ ڪئي آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن تي عمل نہ ڪيو اٿن.


اسان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اسين وڏا ڏوهاري ٿيا آهيون؛ ۽ پنهنجن گناهن ڪري اسين، ۽ اسان جا بادشاهہ، ۽ اسان جا ڪاهن، ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾، ترار، ۽ قيد، ۽ ڦرلٽ، ۽ شرمندگيءَ جي لاءِ ڏنا ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


پر هنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن مغروريءَ سان هلت ڪئي، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ تنهنجا حڪم نہ ٻڌائون،


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


انهيءَ هوندي بہ گهڻائي سال تون سندن برداشت ڪندو رهين، ۽ تو پنهنجي روح سان پنهنجن نبين جي وسيلي، هنن جي برخلاف شاهدي پئي ڏني: تڏهن بہ هنن ڪَن نہ ڏنو: تنهنڪري تو هنن کي انهن ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جهڙا ضدي فسادي نسل نہ ٿين: جن پنهنجي دل کي برابر نہ ڪيو ۽ جن جو روح خدا جي حضور وفادار نہ رهيو.


اي بني اسرائيل اوهين انهي ڏانهن ڦرو، جنهن سان اوهان سخت بغاوت ڪئي آهي.


تنهن ڪري هاڻي وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف خرابي ٿو آڻيان ۽ اوهان جي برخلاف هڪڙي تجويز ٿو رٿيان: اوهان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچي، ۽ پنهنجي رستن ۽ ڪمن کي سڌاري.


پر جي هو منهنجي صلاح مصلحت ۾ قائم رهن ها تہ جيڪر منهنجي قوم کي منهنجو ڪلام ٻڌائين ها، ۽ انهن کي خراب رستي کان ۽ سندن ڪمن جي خرابيءَ کان موٽائين ها.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون،


۽ جن پنهنجن ٻانهن نبين کي صبح جو سوير اُٿي اوهان ڏي موڪليان ٿو، پر جن جي اوهان نہ ٻڌي آهي تن جون ڳالهيون جي اوهين نہ ٻڌندا؛


وڃ ۽ اهي ڳالهيون اُتر ڏانهن پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ اي بي وفا اسرائيل موٽي اچ، آءٌ ڪاوڙ ۾ اوهان تي نظر نہ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ رحم وارو آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙ نہ ڌاريندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي اسرائيل، جي تون موٽندين، تہ مون ڏي موٽي ايندين: ۽ جي تون پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون منهنجي نظر کان پاسي ڪندين، تہ پوءِ تون برطرف نہ ڪيو ويندين؛


جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين.


تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين باز اچو ۽ پاڻ کي پنهنجن بُتن کان ڦيريو؛ ۽ سڀني ڪراهت جهڙين شين کان پنهنجا منهن مٽيو.


مون بيابان ۾ هنن جي اولاد کي چيو تہ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قانونن تي نہ هلو، نڪي هنن جا حڪم مڃو، نڪي هنن جي بُتن سان پاڻ کي پليت ڪريو:


انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟


تہ تڏهن جي ڪو قرناءِ جي آواز ٻڌي ۽ خبردار نہ ٿئي، ۽ ترار اچي هن کي کڻي وڃي، تہ انهي جو خون سندس مٿي تي آهي.


۽ نہ اسان تنهنجن ٻانهن نبين جي ڳالهہ مڃي آهي، جن تنهنجي نالي سان اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن، ۽ زمين جي سڀني ماڻهن سان ڪلام ڪيو.


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


پر ڇڏيو تہ انصاف پاڻيءَ وانگي هيٺ لهي، ۽ سچائي زور ڀري نهر وانگي.


بڪواسي چون ٿا تہ بڪواس نہ ڪريو، انهن ڳالهين بابت بڪواس نہ ڪريو: اهڙن شخصن تان مهڻو نہ لهندو.


تنهنڪري تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي موٽي اچو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ اوهان ڏي موٽي ايندس.


جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ مالدار هو، ۽ سندس چوڌاري شهر ۽ ڏکڻ واري ۽ هيٺانهين زمين آباد هئي، تڏهن اوهان کي اهو ڪلام جو خداوند اڳي نبين جي معرفت ڪيو، سو نہ ٻڌڻ کپندو هو ڇا؟


پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي اجائي هلت چلت جا اوهان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هلي آئي آهي، تنهن کان اوهان کي فاني شين، يعني سون ۽ چانديءَ جي وسيلي نجات نہ ملي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ