Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 1:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي موٽي اچو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ اوهان ڏي موٽي ايندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري اي زڪرياہ! تون بني اسرائيل کي مون قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو تہ آءٌ قادر‌مطلق خداوند بہ اوهان تي وري مهربان ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 1:3
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو نڪري وڃي آسا کي گڏيو ۽ چيائينس تہ اي آسا، ۽ سڀ يهوداہ ۽ بنيمين، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو: خداوند اوهان ساڻ آهي، جيستائين ڪ اوهين هن ساڻ رهندا؛ ۽ جيڪڏهن اوهين انهيءَ کي ڳوليندا تہ انهيءَ کي لهندا؛ پر جي اوهين انهيءَ کي ڇڏيندا، تہ هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


پر جڏهن مصيبت جي وقت هو خداوند، اسرائيل جي خدا ڏانهن ڦريا، ۽ انهيءَ کي ڳوليائون، تڏهن انهيءَ کي لڌائون.


پر جڏهن هنن کي آرام آيو، تڏهن وري بہ هو تنهنجي اڳيان بڇڙائي ڪرڻ لڳا: تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو، جي مٿن غالب ٿيا: انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو موٽيا، ۽ تو وٽ دانهون ڪيائون، تڏهن تو اُهي آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ ڪيترائي دفعا تو پنهنجي گهڻي رحم سان هنن کي ڇڏايو؛


جيڪڏهن تون بدڪاريءَ کي پنهنجن تنبن کان پري رکندين، ۽ قادر مطلق وٽ موٽندين تہ پوءِ تون اڏجي پوندين.


اي بني اسرائيل اوهين انهي ڏانهن ڦرو، جنهن سان اوهان سخت بغاوت ڪئي آهي.


مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ هنن کي پٽي ڪڍي وٺندس تڏهن موٽي اچي هنن تي رحم ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن مان هر ڪنهن کي پنهنجي ورثي ڏي موٽائي آڻيندس.


انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي:


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


اي بي وفا ٻارو، موٽي اچو، آءٌ اوهان جيءَ بي وفائيءَ جو علاج ڪندس. ڏس اسين تو وٽ آيا آهيون ڇالاءِ جو تون خداوند اسان جو خدا آهين.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي اسرائيل، جي تون موٽندين، تہ مون ڏي موٽي ايندين: ۽ جي تون پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون منهنجي نظر کان پاسي ڪندين، تہ پوءِ تون برطرف نہ ڪيو ويندين؛


انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ڇالاءِ پٽ پيءُ جو گناهہ نٿو کڻي؟ جڏهن پٽ ڪو ڪم ڪيو آهي، جو قاعدي موجب درست آهي، ۽ منهنجن سڀني قاعدن جي سنڀال ڪئي اٿس، ۽ انهن جي تعميل ڪئي اٿس، تڏهن هو يقيناً جيئرو رهندو.


جيڪي گناهہ جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن، تن سڀني کي پاڻ کان پري ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ نئين دل ۽ نئون روح پيدا ڪريو: اي اسرائيل جا گهراڻا ڇو اوهين مرڻ ٿا گهرو؟


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيڪو مري ٿو تنهن جي مرڻ ڪري مون کي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي: تنهنڪري اوهين ڦرو ۽ جيئرا رهو.


انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


آءٌ هنن جي ڪوتاهيءَ جو علاج ڪندس، ۽ هنن کي کلي دل سان پيار ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ هنن کان ڦري ويئي آهي.


اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.


انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هينئر بہ اوهين پنهنجي سموري دل سان، ۽ روزي ۽ روڄ، ۽ ماتم سان مون ڏي ڦرو:


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجن حڪمن کان ڦري ويا آهيو، ۽ انهن جي تعميل نہ پئي ڪئي اٿوَ. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون وٽ موٽي اچو، ۽ آءٌ اوهان وٽ موٽندس. پر اوهين چئو ٿا تہ اسين ڪهڙي ڳالهہ ۾ موٽون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ