Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 1:21 - Sindhi Bible

21 تڏهن مون پڇيو تہ هي ڪهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهن؟ ۽ هن چيو تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ کي اهڙو ڇڙوڇڙ ڪيو جو ڪو ماڻهو پنهنجو ڪنڌ نہ کڻي سگهيو، پر هي انهيءَ لاءِ آيا آهن تہ هنن کي ڊيڄارين، ۽ قومن جي سڱن کي ڪيرائي ڇڏين، جن يهوداہ کي پکيڙي ڇڏڻ لاءِ پنهنجو سڱ وڏو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن مون ملائڪ کان پڇيو تہ ”هي ڪهڙو ڪم ڪرڻ آيا آهن؟“ هن وراڻيو تہ ”جن سڱن مثل بادشاهتن يهوداہ وارن کي ايترو تہ چيڀاٽي ڇڏيو هو جو ڪوبہ پنهنجي پيرن تي بيهي نہ سگھيو، تن بادشاهتن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن طاقت کي ڪچلڻ لاءِ اهي ڪاريگر آيا آهن، ڇاڪاڻ تہ وڏي زورآوري ڏيکاري هنن يهوداہ وارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 1:21
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بڇڙن جا سڀيئي سڱ بہ وڍي ڇڏيندس؛ پر راستبازن جا سڱ بلند ڪيا ويندا.


ڇالاءِ جو ڏس، تنهنجا دشمن هل ٿا مچائين: ۽ جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن تن ڪنڌ مٿي کنيو آهي.


خداوند ائين ڪيو آهي جيئن هن رٿيو هو؛ قديم ڏينهن ۾ هن جيڪو ڪلام ڪيو سو پورو ڪيو اٿس؛ هن ڊاهي وڌو آهي ۽ قياس ڪونہ ڪيو اٿس: ۽ هن دشمن کي توتي خوش ڪرايو آهي، هن تنهنجن ويرين جو سڱ مٿي ڪيو آهي.


۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.


۽ مون انهيءَ فرشتي، جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي چيو تہ هي ڇا آهن؟ ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ، اسرائيل ۽ يروشلم کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ