تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.
تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي.