انهيءَ هوندي بہ خداوند پنهنجي وڏيءَ ڪاوڙ جي جوش کان نہ مڙيو، جنهن سان سندس ڪاوڙ يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇالاءِ جو منسي پنهنجن گهڻن چڙ ڏيارڻ جهڙن ڪمن سان هن کي ڪاوڙايو هو.
۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:
تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊي آهي؛ مون پنهنجي غضب جي باهہ سان هنن کي ساڙي کپائي ڇڏيو آهي: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون هنن جي راهہ خود سندن سر تي آندي آهي.
تنهنڪري آءٌ بہ هنن سان قهر جي هلت ڪندس: منهنجي اک گذر نہ ڪندي، ۽ نہ مون کي رحم ايندو: ۽ جيتوڻيڪ هو وڏيون رڙيون ڪري منهنجن ڪَنن ۾ پڪاريندا، تہ بہ آءٌ هنن جي ڪين ٻڌندس.
هائو، هنن پنهنجون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪيون، تہ شريعت ۽ انهيءَ ڪلام کي نہ ٻُڌن، جو لشڪرن جي خداوند اڳي نبين تي پنهنجي روح جي معرفت نازل ڪيو هو: انهيءَ ڪري لشڪرن جي خداوند وٽان وڏو غضب نازل ٿيو.
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جهڙي طرح اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڪاوڙايو ۽ مون اوهان تي برائي آڻڻ جو خيال ڪيو، ۽ آءٌ پنهنجي خيال تان نہ لٿس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ
اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛