Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 1:19 - Sindhi Bible

19 ۽ مون انهيءَ فرشتي، جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي چيو تہ هي ڇا آهن؟ ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ، اسرائيل ۽ يروشلم کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن مون رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کان پڇيو تہ ”هنن سڱن مان ڇا مراد آهي؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هي سڱ اُهي بادشاهتون آهن جن اسرائيل وارن ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت سڄي يهوداہ وارن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 1:19
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صدقياہ بن ڪنعانہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي هٽائي ڪڍندين، جيسين ڪ اُهي چٽ ٿي وڃن.


هاڻي جڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي دشمنن ٻڌو، تہ قيدين خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل جوڙي آهي؛


تڏهن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن جا هٿ ضعيف ڪيا، ۽ انهن کي گهر جوڙڻ ۾ تڪليف ڏيڻ لڳا،


۽ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ ان جي ٻين سنگتين فارس جي بادشاهہ ارتخششتا کي لکيو؛ ۽ اهو خط ارامي اکرن ۾ ۽ ارامي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.


ساڳئي وقت ۾ تتنيءَ، جو نديءَ جي هن ڀر جو والي هو، ۽ شتربوزني، ۽ انهن جا سنگتي، هنن وٽ آيا ۽ چيائون تہ هن گهر جوڙڻ ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ جو ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي؟


مون هٺيلن کي چيو تہ هٺ نہ ڪريو: ۽ بڇڙن کي چيم تہ سڱ مٿي نہ کڻو:


پنهنجا سڱ مٿي نہ کڻو؛ ۽ مغروريءَ سان نہ ڳالهايو.


موآب جو سڱ وڍجي ويو آهي، ۽ اُن جي ٻانهن ڀڄي پئي آهي؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ


۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.


جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي ڏانهن آءٌ رڙهي ويجهو ٿيس، ۽ انهي سڄي احوال جي حقيقت پڇي مانس. تڏهن هن مون کي اُهي ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جو مطلب سمجهايائين.


اوهين جي نڪمي شيءِ تي خوشي ٿا ڪريو ۽ چئو ٿا تہ اسان پنهنجي طاقت سان پنهنجي لاءِ سڱ هٿ نہ ڪيا آهن ڇا؟


تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.


۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ چار سڱ نظر آيم.


تڏهن مون پڇيو تہ هي ڪهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهن؟ ۽ هن چيو تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ کي اهڙو ڇڙوڇڙ ڪيو جو ڪو ماڻهو پنهنجو ڪنڌ نہ کڻي سگهيو، پر هي انهيءَ لاءِ آيا آهن تہ هنن کي ڊيڄارين، ۽ قومن جي سڱن کي ڪيرائي ڇڏين، جن يهوداہ کي پکيڙي ڇڏڻ لاءِ پنهنجو سڱ وڏو ڪيو هو.


تڏهن مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ ۽ جنهن فرشتي مون سان ڳالهايو پئي، تنهن مون کي چيو تہ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهن.


تڏهن مون پڇيومانس تہ تون ڪاڏي ٿو وڃين؟ ۽ هن مون کي چيو تہ يروشلم کي ماپڻ لاءِ ٿو وڃان؛ انهيءَ لاءِ تہ ڏسان تہ اُن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ ڪيتري آهي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جهڙي طرح اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڪاوڙايو ۽ مون اوهان تي برائي آڻڻ جو خيال ڪيو، ۽ آءٌ پنهنجي خيال تان نہ لٿس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ