Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 1:18 - Sindhi Bible

18 ۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ چار سڱ نظر آيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هڪڙي ٻي رويا ۾ مون پنهنجي اڳيان چار سڱ ڏٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 1:18
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صدقياہ بن ڪنعانہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي هٽائي ڪڍندين، جيسين ڪ اُهي چٽ ٿي وڃن.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


وري بہ رڙ ڪري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجا شهر آرام ۽ آسائش جي ڪري وري بہ اڃا پري پري وڌندا، ۽ خداوند اڃا بہ صيون کي تسلي ڏيندو، ۽ يروشلم کي چونڊيندو.


۽ مون انهيءَ فرشتي، جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي چيو تہ هي ڇا آهن؟ ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ، اسرائيل ۽ يروشلم کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي.


۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جي ڏور هئي.


تڏهن مون وري اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڏس، هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي آهي.


تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن نڪري مون کي چيو، تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ ڏس، تہ هيءُ جيڪو وڃي ٿو سو ڇا آهي؟


تڏهن مون پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏسان تہ ٻہ زالون نڪري آيون، جن جي پيرن ۾ هوا هئي؛ هاڻي هنن جا پر لقلق پکيءَ جي پرن جهڙا هئا: ۽ اُهي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ايفہ کي کڻي ويون.


۽ وري مون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏس، تہ ٻہ پتل جا جبل هئا، جن جي وچان چار گاڏيون نڪري آيون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع يريحو جي ڀرسان آيو، تڏهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريائين تہ ڏسي، تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار ڪڍيو بيٺو آهي: ۽ يشوع وٽس ويو ۽ چيائينس تہ تون اسان جي لاءِ آهين يا اسانجن دشمنن جي لاءِ؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ