Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 1:17 - Sindhi Bible

17 وري بہ رڙ ڪري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجا شهر آرام ۽ آسائش جي ڪري وري بہ اڃا پري پري وڌندا، ۽ خداوند اڃا بہ صيون کي تسلي ڏيندو، ۽ يروشلم کي چونڊيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 1:17
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.


۽ باقي اسرائيلي، ڪاهنن ۽ لاوين مان، يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ هئا، هرڪو پنهنجي پنهنجي موروثي حصي ۾.


هاڻي جيڪي پرڳڻي جا سردار يروشلم ۾ رهندا هئا، سي هي آهن: (پر يهوداہ جي شهرن ۾ هرڪو ماڻهو پنهنجي شهر ۽ پنهنجي جائيداد ۾ رهندو هو، يعني اسرائيلي، ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد.


ڇو تہ خدا صيون کي بچائيندو؛ ۽ يهوداہ جا شهر جوڙيندو؛ ۽ اُهي اُتي رهندا ۽ قبضو ڪندا.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:


اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


اي يروشلم جون ويران جايون اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، هن يروشلم کي ڇڏايو آهي.


خداوند تنهنجو ڇڏائيندڙ فرمائي ٿو، تہ تمام گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ مون هڪ لحظي واسطي پنهنجو منهن تو کان لڪايو؛ پر هميشہ واري مهربانيءَ سان آءٌ توتي رحم ڪندس،


جيئن ڪا ماءُ پٽ کي دلاسو ڏئي، تيئن آءٌ اوهان کي دلاسو ڏيندس؛ ۽ اوهان کي يروشلم ۾ دلاسو ملندو.


تڏهن ڪنواري ڇوڪري جوان ۽ ٻڍن ماڻهن سان گڏجي ناچ ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن جي غم کي بدلائي خوشي ڪندس، ۽ هنن کي تسلي ڏيندس، ۽ هنن جي غمگيني مان کين خوشحال ڪندس.


ڪوهستان جي شهرن ۾، ۽ نشيب واري زمين ۾، ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾، ۽ بنيمين جي زمين ۽ يروشلم جي آس پاس وارين جاين ۾، ۽ يهوداہ جي شهر ۾، خداوند ٿو فرمائي، تہ ڳڻڻ واري جي هٿن هيٺان وري ڌڻ لنگهندا.


۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اوهان کي سڀني ناپاڪائين کان صاف ۽ پاڪ ڪندس، انهي ڏينهن آءٌ اُهي شهر وسائيندس، ۽ ويران جايون اڏيون وينديون.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جا قيدي موٽائي آڻيندس، ۽ اُهي غير آباد شهر وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ ۽ اُهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ انهن جو شراب پيئندا؛ اُهي باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جو ڦر بہ کائيندا.


۽ بني اسرائيل جي لشڪر جا قيدي جي ڪنعانين منجهہ آهن، سي صارپت تائين ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ يروشلم جا قيدي جي سفاراد ۾ آهن، سي ڏکڻ جا شهر هٿ ڪندا.


۽ جنهن فرشتي مون سان پي ڳالهايو، تنهن مون کي چيو تہ تون پڪاري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي يروشلم ۽ صيون جي لاءِ تمام گهڻي غيرت ٿي اچي:


۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ چار سڱ نظر آيم.


۽ خداوند کي يهوداہ جي پاڪ زمين ۾ سندس موروثي حصو ملندو، ۽ هو اڃا بہ يروشلم کي پسند ڪندو.


۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.


۽ خداوند شيطان کي چيو، تہ اي شيطان، خداوند توتي ملامت ڪري، هائو، خداوند جنهن يروشلم کي پسند ڪيو آهي، سو تو تي ملامت ڪري. هيءَ اُها اُماڙي آهي ڇا جا باهہ مان بچائي ويئي آهي؟


جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ