Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 3:10 - Sindhi Bible

10 جيڪو ماڻهو پهرينءَ ۽ ٻيءَ نصيحت کانپوءِ بہ بدعتي رهي، تنهن کان پاسو ڪر؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 وشواسي منڊليءَ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ واسطو نہ رک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ڪليسيا ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 3:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي، تنهن جي برخلاف جيڪي نفاق ٿا وجهن ۽ گمراهہ ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، تن کي نظر ۾ رکجو، ۽ کانئن پاسو ڪجو.


هن ڪري جو اوهان جي وچ ۾ ضرور بدعتون هونديون تہ اوهين ثابت ڪريو تہ ڪير قبول آهن.


جڏهن آئون ٻئي ڀيري حاضر هوس، تڏهن جيئن اڳيئي چيو هوم، تيئن هن ڀيري بہ جڏهن آئون غير حاضر آهيان، انهن کي ٿو چوان جن هيستائين گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ ٻين سڀني کي بہ ٿو چوان تہ جڏهن آئون ايندس، تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس؛


شل جيڪي اوهان کي منجهائين ٿا، سي پاڻ کي ڪَپي ڇڏين تہ چڱو.


بت پرستي، جادوگري، عداوتون، جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، جدائيون، بدعتون،


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي.


هاڻي اي ڀائرو، اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي حڪم ٿا ڏيون، تہ اوهين سڀ ڪنهن اهڙي ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جو بي قاعدي ٿو هلي، ۽ انهيءَ روايت تي عمل نٿو ڪري جا اسان کان اوهان کي ملي.


دينداريءَ جو ظاهري نمونو رکندڙ، پر انهي جي اثر کان خالي ٿيندا. اهڙن کان بہ پاسو ڪج.


پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.


جيڪڏهن ڪوبہ اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي، تہ انهي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي سلام ڪريوس؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ