Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 2:8 - Sindhi Bible

8 ۽ اهڙي صحيح تعليم ڏي، جا ملامت جوڳي نہ هجي؛ تان تہ مخالف ڌر شرمندي ٿئي، ۽ اسان جي برخلاف ڪابہ ڳالهہ ڪري نہ سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 اهڙي صحيح سکيا ڏي جيڪا ڦٽڪار جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 2:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون هي بہ چيو تہ جيڪو ڪم اوهين ڪريو ٿا، سو چڱو نہ آهي: اوهان کي اسان جي خدا جي ڊپ ۾ هلڻ نہ گهرجي ڇا: ڇالاءِ اسان جا دشمن، غير قومون اسان کي طعنو ٿا ڏين؟


اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.


تنهن تي يسوع چين، تہ جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو. ۽ هنن کي مٿس ڏاڍو عجب لڳو.


۽ فقيهن مان هڪڙو آيو، ۽ هنن کي سوال جواب ڪندو ٻڌائين، ۽ ڄاتائين تہ هن کين چڱو جواب ڏنو آهي؛ تڏهن هن کان پڇيائين تہ سڀني حڪمن مان پهريون ڪهڙو آهي؟


تڏهن انهي فقيهہ چيس تہ واهہ! اي اُستاد، تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي، تہ هو هڪڙو آهي؛ ۽ انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛


جڏهن يسوع ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي، تڏهن چيائين تہ تون خدا جي بادشاهت کان پري نہ آهين. انهي کانپوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو هن کان ڪو سوال پڇي.


هن جون هي ڳالهيون ٻُڌي جيڪي بہ سندس برخلاف هئا، سي سڀيئي ڦڪا ٿيا: ۽ جيڪي جلالي ڪم هن پئي ڪيا، تن جي ڪري ساري خلق سرهي پئي ٿي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي.


تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ جوان بيوهہ زالون ڀلي تہ شادي ڪن، ۽ ٻار ڄڻين، ۽ گهر گهاٽ هلائين، ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجهہ نہ ڏين:


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي، ۽ صحيح نصيحت کي، يعني اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نصيحت کي، ۽ دينداريءَ پٽاندر جا تعليم آهي، تنهن کي نٿو مڃي؛


اسانجن ماڻهن کي بہ گهرجي تہ ضرورتن جي رفع ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ سکن تہ بي ڦل نہ رهن.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


ڇالاءِ جو خدا جي اها ئي مرضي آهي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوهين بيوَقوف ماڻهن جي نادانيءَ جي ڳالهين کي بند ڪريو.


۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ